سنڌ جي معصوم نياڻي پريا ڪماري جي آزادي لاءِ مظاهرا

سنڌڙي/ دادو (نمائندن وٽان) سنڌ جي معصوم نياڻي پريا ڪماري ج آزادي لاءِ احتجاجي مظاهرن جو سلسلو جاري آهي، ان ڏس ۾  سنڌڙي ۾ پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ سول سوسائٽي ميرپورخاص پاران ريلي ڪڍي وئي، ريلي سنڌڙي چوڪ کان سنڌڙي پريس ڪلب تي پھتي، جتي ريلي کي واجد لغاري، لالا اظھر پٺاڻ، اڪبر شر، جميل لاشاري، حسيب ڪانھيون، اڪبر ايس منڱريو، ارشاد جوڻيجو، نادر شر ۽ ٻين خطاب ڪيو، ٻئي طرف دادو ۾ سيتا سرجڻهار فورم پاران احتجاجي مظاهرو رڪارڊ ڪرايو ويو آهي، جنهن جي اڳواڻي فورم جي سرواڻ مشهور ميمڻ، شهزاد علي ميمڻ، شبير احمد بالادي، علي اڪبر خانزادو، آصف خانزادو، عبدالرزاق سيال، آذان ميمڻ، محبوب علي بالادي ۽ ٻين ڪئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته ٻن سالن کان سنڌ جي نياڻي مسلسل گم آھي پر سنڌ حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ اداره متحرڪ ناھن، صرف بيان ڏيڻ ۽ معمولي ڪاروائيون ڪري سنڌ جي عوام ۽ خاص ڪري اقليت کي مطئمن ڪرڻ جي روايتي ڪوشش پيا ڪن، ھنن چتاءُ ڏنو ته جستائين پريا بازياب نه ٿيندي ھي تحريڪ خاموش نه ٿيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.