صدر، وزيراعظم، بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير سميت ٻين پاران ڌماڪي جي مذمت

ڪراچي : ڪراچي ۾ پرڏيهي شهرين تي آپگهاتي حملي جي صدر آصف زرداري، وزيراعظم شهباز شريف،پيپلزپارٽي چيئرمين  بلاول ڀٽو زرداري، وڏي وزير مراد علي شاهه،شرجيل انعام ميمڻ، گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري ۽ ٻين پاران سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي آهي،  صدر آصف زرداري چيو آهي ته دهشتگردي جو هر صورت ۾ خاتمو ڪيو ويندو،قوم دهشتگردن جي بزدلاڻن حملن کان ڊڄڻ واري ناهي، وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پرڏيهين تي حملو افسوسناڪ آهي، امن امان خراب ڪرڻ جي هر ڪوشش ناڪام بڻائي ويندي.

  1. لانڍي ۾ پرڏيهين جي گاڏي تي ٿيل حملي ۾استعمال ڪيل موٽرسائيڪل جا تفصيل سامهون اچي ويا

ڪراچي : ڪراچي جي علائقي لانڍي ۾ پرڏيهين جي گاڏي تي ٿيل حملي ڪرڻ وارن دهشتگردن  استعمال ڪيل موٽر سائيڪل جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن. دهشتگردن ڪاري رنگ جي 70 موٽرسائيڪل استعمال ڪئي موٽرسائيڪل سلمان مسيح جي نالي تي رجسٽرڊ ٿيل آهي ايڊريس ڪالا پل سچن ڪالوني بزرٽا لائن لکيل آهي موٽر سائيڪل 2012 ماڊل آهي جاچ اختيارين پاران وڌيڪ جاچ جاري آهي.

  1. بم ڊسپوزل اسڪواڊ ڌماڪو آپگهاتي قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي : بم ڊسپوزل اسڪواڊ ڪراچي جي علائقي  لانڍي ۾ پرڏيهين جي گاڏي تي حملي جي رپورٽ تيار ڪري ورتي، رپورٽ موجب حملي جي جاءِ تان آپگهاتي بمبار جو مٿو ۽ ٽنگون مليون آهن. ٻئي حملي آور کي پوليس ۽ سيڪيورٽي گارڊن هٿان مارجي ويو. فائرنگ ۾ مارجي ويل دهشتگرد وٽان هڪ ٿيلهو به هٿ ڪيو ويو آهي. بيگ مان 4 دستي بم، 3 راڪيٽ گرنيڊ، 3 ميگزين، پاڻي جي هڪ بوتل ۽ پيٽرول هٿ آيا. بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته مارجي ويل دهشتگرد جي جيڪٽ مان هڪ دستي بم هٿ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مارجي ويل دهشتگرد جي هٿ ۾ دستي بم هو. دهشتگردن جي ايس ايم جي سان هڪ لانچر ڳنڍيل هو ۽ لانچر ۾ رائفل گرنيڊ هو. رپورٽ موجب دهشتگردن وٽان 6 دستي بم ۽ 4 لانچر گرنيڊ هٿ ڪيا ويا، جڏهن ته بال بيرنگ جو هڪ باڪس به هٿ ڪيو ويو. سڀئي دستي بم ۽ لانچر گرنيڊز ناڪاره ڪيا ويا آهن.

  1. پرڏيهي شهرين تي حملو ڪندڙ ٻن دهشت گردن مان هڪ جي سڃاڻپ ٿي وئي

ڪراچي: ڪراچي ۾ پرڏيهي شهرين تي حملو ڪندڙ ٻن دهشتگرن مان هڪ جي سڃاڻپ ٿي وئي، ٻئي آپگهاتي حملو ڪندڙ  دهشتگرد جي سڃاڻپ لاءِ نادرا کان مدد وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، پوليس چيو آهي ته مارجي ويل هڪ دهشتگرد جي سڃاڻپ بلوچستان جي پنجگور واسي سهيل احمد طور ٿي آهي،ٻئي جي سڃاڻپ لاءِ نادرا کان مدد وٺنداسين، مارجي ويلن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.