ڪشمور ۾ رينجرز ۽ پوليس جون ڪارروايون، 9 جوابدار گرفتار

ڪراچي( رپورٽر ) پاڪستان رينجرز (سنڌ) ۽ پوليس پاران سنڌ جي ڪچي واري علائقي  ۾ چورن ۽ ڏوهارين خلاف ڪارروايون جاري آهن. پاڪستان رينجرز (سنڌ) ۽ پوليس ڳجهي اطلاع تي ٻن مختلف ڪاررواين دوران سنڌ جي ضلعي ڪشمور جي ڳوٺ غوث بخش بنگوار، جهارو خان ​​بنگوار ۽ ڳوٺ رئيس حيات اوگاهي مان 9 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. جن ۾ مرتضيٰ منگواڻي، ارشاد، ذوالفقار، منظور ۽ بگي جکراڻي جي گرفتاري لاءِ  ڇاپو هنيو. ڪارروائي دوران 5 جوابدارن غلام شبير، غلام حسين، خادم، يار محمد ۽ غلام عباس شامل آهن، جن جي قبضي مان 1 7 ايم ايم رائفل، 2 30 بور پستول، 2 ميگزين 5 رائونڊ هٿ ڪيا ويا. گوليون، 9 موبائيل فون ۽ 2 موٽرسائيڪلون پڻ هٿ ڪيون ويون، جڏهن ته ٻي ڪارروائي دوران ڳوٺ رئيس مان 4 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. گرفتار جوابدارن کي هٿيار، بارودي مواد ۽ چوري جي سامان سميت وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ پوليس حوالي ڪيو ويو آهي.

  1. 6ججن وارو معاملو فل ڪورٽ کي موڪليو وڃي: شعيب شاهين

راولپنڊي (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شعيب شاهين چيو آهي ته جيڪڏهن  پاڪستان جو لٽيلچوري جو پئسو واپس آندو وڃي ته ڊالر 50 رپين جو ٿي ويندو، اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شعيب شاهين جو چوڻ هو ته هن چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو آهي ته بهاولنگر واقعي تي سوموٽو نوٽيس ورتو وڃي، هن جو وڌيڪ  چوڻ هو ته هنن جو مطالبو آهي ته 6ججن وارو معاملو فل ڪورٽ کي موڪليو وڃي.

  1. پاڪستان کي آءِ ايم ايف کان مختصر مدي وارو پروگرام وٺڻ جي صلاح

واشنگٽن (م ڊ) عالمي مالياتي ادارن پاڪستان کي آءِ ايم ايف کان مختصر مدي وارو  پروگرام وٺڻ جي صلاح ڏئي ڇڏي، واشنگٽن ۾ پاڪستان جي معاشي ٽيم عالمي مالياتي ادارن ۽ دوست ملڪن جي معاشي اختيارين سان غير رسمي مشاورت ڪئي، ذريعن موجب مشاورت نئين آءِ ايم ايف پروگرام جي حوالي سان ڪئي وئي، حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته عالمي مالياتي ادارن جي اختيارين پاڪستان جي معاشي ٽيم کي آءِ ايم ايف کان وڏي عرصي بدران ٿورڙي وقت وارو پروگرام وٺڻ جي صلاح ڏني، ادارن ٽيڪس نظام کي ڊجيٽلائز ۽ هر قسم جي رليف کي ختم ڪرڻ جو مشورو پڻ ڏنو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.