پيرڳوٺ ويجهو زميني تڪرار تان فائرنگ، 2 ڄڻا مارجي ويا، 5 زخمي

پيرجوڳوٺ (رپورٽ: وسيم سنڌي )پيرڳوٺ ويجهو ڪچي جي ٻنڊي واري علائقي عبدالرحمان انڙ ٿاڻي جي حد ۾ زمين جي پراڻي تڪرار تان ڪلهوڙا ۽ ڀٽا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿيو، جهيڙي جي نتيجي ۾ ڀٽا برادري جو نوجوان عزير الله ڀٽو، جڏهن ته ڪلهوڙو برادري جو ميرل عرف بابو ڪلهوڙو مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ محمد سفر ڀٽو، امير علي ڀٽو، موسل ناريجو ،ڪمدار ناريجو سميت پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، آخري اطلاعن موجب مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمي واقعي واري هنڌ پيل رهيا، جڏهن ته ڪيران ئي ڪلاڪن کان فائرنگ جو سلسلو پڻ جاري رهيو، ھٿياربندن ڪڻڪ جي ديرن کي پڻ باهھ ڏئي ساڙي ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.