ايف بي آر جو آفيسر عورتاڻي آواز تي هرکجي گهوٽڪي جي ڪچي مان اغوا،سنڌ حڪومت ۾ ٿرٿلو

اوٻاوڙو/ميرپورماٿيلو (نمائندن وٽان )  اوٻاوڙو ايف بي آر جو 18هين گريڊ جو آفيسر رحمت الله  خان عورتاڻي آواز تي مبينا طور هرکجي گهوٽڪي جي ڪچي مان اغوا ٿي ويو،  جنهن جي بازيابي لاءِ ڌاڙيلن پاران هڪ  ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي، ايف بي آر آفيسر جي اغوا ٿيڻ کانپوءِ سنڌ حڪومت ۾ ٿرٿلو مچي ويو، سنڌ جو گهرو وزير ضياءِ الحسن لنجار اوچتو گهوٽڪي پهچي ويو، جتي هن ايس ايس پي گهوٽڪي سميت ٻين پوليس آفيسرن سان ملاقات ڪري ڄاڻ ورتي آهي، ٻئي پاسي ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته گهرو وزير ضياالحسن لنجار مغوي آفيسر جي بازيابيءَ لاءِ گهوٽڪي سميت علائقي جي بااثرن سان رابطا به تيز ڪري ڇڏيا آهن. ٻڌايو پيو وڃي ته ضياءِ الحسن لنجار گهوٽڪي پوليس کي اهي هدايتون جاري ڪيون آهن ته ڇا به ٿي پوي مغوي کي جلد کان جلد باحفاظت طريقي سان بازياب ڪرايو وڃي، گهرو وزير جي اهڙي هدايت بعد گهوٽڪي پوليس مغوي جي بازيابي لاءِ  ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.