تاريخي ماڳن تي ٻڌل ڪتاب”ڪٿائين جادُوگر بستيون ڪي“ تي هڪ نظر

تحرير: نيڪ محمد سومرو

تاريخ تي پڙهڻ يا تاريخ جي اهميت و افاديت تي ڳالهائڻ شايد دنيا جو ڏکئي ۾ ڏکيو ۽ مُنجهائيندڙ ڪم آهي  مون ڪٿي ڪنهن محقق جو هي کِل جهڙو جُملو پڙهيو هو جيڪو هُن به مذاق ۾َ ئي لکيو هو ته:“ڪيترو زبردست ٿي پوي جيڪڏهن تاريخ کي گڏ ڪرڻ جو تصور ئي نه هُجي ها ۽ فقط لوڪ ادب هُجي ها جنهن کي پڙهي اسين پيا گد گد ٿيون ها…گهٽ ۾ گهٽ ايتري مٿاڪُٽ ته نه ڪرڻي پوي ها، جنهن اسان جا مٿا وقت کان اڳ اڇا ڪري ڇڏيا آهن.” اسين جيڪڏهن ٿورو سنجيدگيءَ سان ڏسون ته اسين پنهنجي گذريل زمانن کان چاهيندي به ڌار نٿا ٿي سگهون ۽ نه ڌار ٿيڻ چاهينداسين. انهيءَ قديم ۽ جديد رشتي کي مضبوطيءَ سان ڳنڍڻ واري سائنس آهي، جنهن گذريل زماني کي سمجهڻ ۾ اسان کي وڏي سهوليت ڪري ڏني آهي. سائنس فقط گذريل وقت تي نه بلڪ موجوده حالتن تي به اسان جي گهڻي سهڪاري آهي. قديم ماڳن جي کوٽائي اُن مان لڀجندڙ شين جي ڪاربان ٽيسٽن سان چڪاس، گذريل زماني جي قدرتي ماحول ۽ آيل آفتن کي سمجهڻ لاءِ سائنسي ٿيوريون ۽ ايندڙ وقت کي تحفظ ڏيڻ، ايندڙ بربادين کان بچائڻ ۽ صديون اڳ انسان جي ارتقائي تسلسل کي سمجهڻ ۽ لاڀائتي بڻائڻ ۾ سائنس انسان جي شروع کان سهڪاري ۽ ٻانهن ٻيلي رهي آهي.

ابوبڪر شيخ جون تقريبن سڀئي تحريرون مون پڙهيون آهن ۽ مونکي سندس هر نئين ايندڙ تحرير جو انتظار به رهندو آهي. انتظار ڇو هوندو آهي؟ ان لاءِ جو سندس تحرير فقط وقت گذارڻ ۽ ڪنهن آکاڻيءَ وانگر ختم نٿي ٿئي، سندس لکڻين ۾ جتي زرخيز زمينن جي ويران ٿيڻ جو ڏُک آهي اُتي هُو ڍنڍن جي ويران ٿيڻ جو به ڏک بيان ڪري ٿو پر گڏوگڏ هو اسان کي ٻڌائي ٿو ته، اڳي هيئن هو ۽ هاڻي هيءَ حالت آهي ۽ ان جا سبب ٻڌائي ٿو، پر اُهي سبب ريسرچ جي بنيادن تي هُجن ٿا جنهن ڪري سندس تحريرن مان ائين محسوس ٿئي ٿو ته، سندس اڳيان هر آرٽيڪل يا تحرير هڪ ذميواري آهي، جنهن کي پوري ڪرڻ جي هو ڪوشش ڪري ٿو،  هو موضوع جي سڀني پاسن تي جيترو ممڪن ٿي سگهي ايترو  گهرائي سان ڳالهائي ٿو جيئن پڙهندڙ جي ذهن ۾ موجود گهڻن کان گهڻن سوالن جا جواب هو ڏيئي سگهي.هڪ ليکڪ جي ذميداري ڪهڙي هُجي ٿي اُن کي هُو بهتر سمجهي ٿو.

ابوبڪرشيخ جو هي نئون ۽ چوٿون ڪتاب ”ڪٿائين جادوگر بستيون ڪي“ گذريل ڪتابن جو هڪ تسلسل ضرور آهي پر هن ۾ هن تحرير جو دائروسنڌ کان وڌايو آهي جيڪا هڪ بهتر ڪوشش آهي. ٻين تحريرن سان گڏ جنهن تي پاڻ اڳيان هلي ڳالهه ٻولهه ڪنداسين، پر اُهي ٻه وسيع موضوع جن مان پهريون ”پهرين افغان جنگ“ جيڪا ڪمپني بهادر ڪئي ۽ انهيءَ ۾ هوءَ افغنستان تي قبضو ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ۽ انهيءَ ناڪامي واري ذلت جي پريشاني گهٽائڻ لاءِ هُنن سنڌ تي قبضو ڪيو. هي ڇهن حصن تي پکڙيل هڪ طويل تحرير آهي، پر ابوبڪر شيخ جي تحريري اسلوب موجب هُو انهي خشڪ تاريخي موضوع کي پڙهندڙ لاءِ دلچسپ ۽ مزيدار بنائي ٿو ڇڏي، وقت سر حقيقي ٿيل واقعن کي هو پنهنجي ادبي رنگ ۾ رڱي پڙهندڙ اڳيان پيش ڪري ٿو.

سندس ٻيو سلسلو جيڪي نج تحقيق آهي ۽ ڪتاب جي اسي پيجن تي ڦهليل آهي نالو آهي: 17 هين صدي بکرتي مغل سلطنت ۽ نيڪولائو منوچي…هي وسيع تحقيقي تحرير مغلن جي سڄي بادشاهي جو هڪ ڳوڙهو مطالعاتي جائزو آهي، جنهن کي تحرير ڪرڻ لاءِ ليکڪ مانوچي جو سهارو وٺي اُن زماني جي تاريخ بيان ڪئي آهي، گڏوگڏ هن تحرير لاءِ  ليکڪ ڪيترن اهم ڪتابن جا حوالا پڻ ڏنا آهن، جنهن سان تحرير وڌيڪ جاندار ۽ هڪ سنجيدگيءَ واري حيثيت وٺي بيهي ٿي، پر ليکڪ جي جيڪا تحرير ۾ سڃاڻپ آهي اُها هو نٿو وساري جتي جتي کيس افسانوي رنگ جي ضرورت پوي ٿي هو لفظن ۽ جملن ۾ هڪ تصور پيش ڪري ٿو ۽ اُن جا جملا ۽ مثال ايترا گهرا هُجن ٿا جو پڙهندڙن  اڳيان اُهي منظر زنده ٿي پون ٿا، اهو سچي به ابوبڪر شيخ جي تحرير جو ڪمال آهي.

رني ڪوٽ جي حوالي سان پڻ هن ڪتاب ۾ هڪ تفصيلي تحقيقي تحرير موجود آهي جيڪا ليکڪ جي تحريري طريقي جو بهتر نمونو پيش ڪري ٿي مطلب ته تاريخ سان گڏ منظر نگاري جي هڪ دنيا آباد آهي. سندس تحريرن ۾ جيڪا پڙهندڙ کي پنهنجي آڱر سان جهلي لوڪيشن تي وٺي وڃي ٿي ۽ سڀ منظر ڏيکاري گهمائي ڦيرائي پڙهندڙ کي هو وري ان ماڳ تي اچي ڇڏي ٿو جتان هن پڙهندڙ کي پاڻ سان گڏ ورتو هو. هن ڪتاب ۾ ڪراچي جي حوالي سان اسان کي ليکڪ جو ڪم نظر اچي ٿو جنهن ۾ هو لي مارڪيٽ، ملير جي قديم وادي ۽ اُن جي ايگريڪلچر جي حوالي سان ان جي اهميت متعلق ذڪر ڪري ٿو گڏوگڏ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي پهرين واپاري ڪوٺي جيڪا ناٿن ڪرو هتي کولي هُئي ان متعلق ناٿن ڪرو جي ٺٽي ۽ حيدرآباد تائين سفرن جو ليکڪ انتهائي دلچسپي سان ذڪر ڪري ٿو، انهيءَ سان گڏ ڪراچي جي ماهيگيري اُنهن جي قديم ڳوٺڙن ۽ مڇيءَ جي واپار متعلق هڪ احساساتي ۽ تحقيقاتي تحريرون شامل آهن. اسين ليکڪ کي پنهنجي دوست محمد علي شاه جيڪو سنڌ ۾ ماهيگيرن جو اڳواڻ هو اُن جي وڇوڙي تي انتهائي سوڳوار ۽ ڏکويل به ڏسون ٿا جڏهن ڪرونا جي ڏينهن ۾ هو هن جهان کي ڇڏي هُن جهان هليو ٿو وڃي ۽ ليکڪ پنهنجو پهريون دفعو ابراهيم حيدري اچڻ جو ٻڌائي ٿو ۽ انتهائي ڏکويل ڪيفيت ۾ اهو سڀ تحرير ڪري ٿو.

هن ڪتاب ۾ به هو انڊس ڊيلٽا جي تڪليفن کي نٿو وساري خاص ڪري سنڌو ڊيلٽا ۾ مٺي پاڻيءَ جي کوٽ ۽ سمنڊ جي اڳيان وڌڻ ڪري انساني آباديون متاثر ٿي رهيون آهن ۽ قدرتي ماحول توڙي ڍنڍون ڍورا برباد ٿي رهيا آهن يا جيڪا لڏ پلاڻ ٿي رهي آهي اُن جو درد ۽ ٿيندڙ نقصان تي جيڪا تڪليف مقامي ماڻهن کي ٿي رهي آهي ليکڪ سندن درد کي پنهنجو درد سمجهي اُن تڪليف کي تحرير ۾ بيان ڪري ٿو ۽ گڏوگڏ تحرير ۾ معلومات ڏيڻ وارو فرض به نٿو وساري جيئن تحرير کي وڌيڪ مستحڪم ڪري پيش ڪري سگهي.

ذاتي طور آئون شيخ صاحب کي ويجهو رهيو آهيان اسان ڪيتريون فيلڊون گڏ ڪيون آهن ۽ مون کي اها به خبر آهي ته فيلڊ ڪرڻ وقت هن جو رويو ۽ چُرپُر ڪيئين هوندي ۽ هو ڪيتري سنجيدگيءَ سان سائيٽ ڏسڻ ۾ محو هجي ٿو ۽ مطالعي ڪرڻ وقت ۽ ان کانپوءِ تحرير وقت هو ڪيترو سنجيده هجي ٿو آءٌ اهو يقين سان چئي سگهان ٿو ته جيترو عشق هن کي لکڻ سان آهي ان کان وڌيڪ عشق هن کي مطالعي سان رهيو آهي جيڪڏهن ائين نه هُجي ها ته هو شايد ايترو ڊگهو سفر نه ڪري سگهي ها، ڇو ته جيڪو نِج پڙهندڙ آهي اُن کي خبر هوندي ته هن جي تحرير ڪيتري مطالعي ۽ سوچ کانپوءِ تحرير جو روپ ورتو هوندو ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته  ليکڪ جو مطالعو ۽ مشاهدو ٻيئي تيز ۽ گهرا آهن اهو هرڪو پڙهندڙ سندس تحريرن کي پڙهي چئي سگهي ٿو. جيڪڏهن ائين نه هُجي ها ته گذريل ڇهن سالن اندر سندس چار ڪتاب سنگ ميل پبليڪيشن شايع نه ڪري ها.

ابوبڪرشيخ جون تحريرون ان لاءِ به مُنفرد آهن، جو ابوبڪر ڪَڏهن به ڪنهن اهڙي موضوع تي قلم نٿو کڻي جنهن متعلق هن کي خبر نه هجي يا شڪ شبهو هُجي ته هو ان سان انصاف نه ڪري سگهندو، اهو ئي سبب آهي جو هن جي تحريرن ۾ زير بحث موضوع تي هر ممڪن ڪُنڊ کان توهان کي تحقيق ٿيل ملندي.

هڪ سٺي لکندڙ جو ڪم اهو ئي هُجي ٿو ته، هو حقيقتن کي هڪ ترتيبوار سلسلي سان پيش ڪري ۽ وڌيڪ پڙهندڙ تي ڇڏي ڏئي ته هُو اُن مان ڪهڙو نتيجو ٿو اخذ ڪري، بحيثيت لکندڙ ابوبڪرشيخ اهو ڪم انتهائي سهڻي نموني پورو ڪيو آهي، سندس هي ڪتاب هڪ تاريخي دستاويز جي حيثيت رکي ٿو بلڪ هڪ نج ريفرنس بُڪ جو اعزاز به هن ڪتاب کي ڏيئي سگهجي ٿو، هاڻي اهو پڙهندڙن تي ڇڏيل آهي ته اُهي هن مان ڪيترو لاڀ وٺي سگهن ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.