ايس ايم آءِ يو ماڊل اسڪول جي 150 شاگردن کي انگريزي سيکارڻ بابت معاهدو

ڪراچي: (پ ر) سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي ۽ اووليشن جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سدرا نياز مفاهمت نامي تي صحيحون ڪيون، جنهن تحت ايس ايم آءِ يو ماڊل اسڪول جي هوشيار پر غريب 150 شاگردن جيڪي 7، 8 يا 9 درجي ۾ پڙهندا آهن، کي انگريزي ٻولي سيکاري ويندي. انهن ڏيڍ سئو شاگردن ۾ 75 ڇوڪرا ۽ 75 ڇوڪريون هونديون. هن انگلش ايڪسيس اسڪالرشپ پروگرام جي مالي مدد پاڪستان ۾ موجود يو ايس مشن جي ريجنل انگلش لئنگئيج آفيس ذريعي ڪئي ويندي. مفاهمت نامي تي سنڌ مدرسه يونيورسٽيءَ جي فوڪل پرسن ۽ انگلش ڊپارٽمينٽ جي اسسٽنٽ پروفيسر وفا منصور ٻرڙي شاهد طور صحيحون ڪيون.

تقريب ۾ آمريڪي قونصل خاني ڪراچي جي پبلڪ ڊپلوميسي آفيسر اناستاسيا ڪوليواس ۽ انگلش پروگرامز مئنيجر عائشه ذيشان پڻ شرڪت ڪئي. ٻين شرڪت ڪندڙن ۾ سنڌ هاير ايجوڪيشن ڪميشن جو چيئرمين ڊاڪٽر طارق رفيع، سنڌ مدسه يونيورسٽي جو ڊين ڊاڪٽر جمشيد عادل هاليپوٽو، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۽ عمرڪوٽ جو وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري، يونيورسٽي آف تصوف اينڊ ماڊرن سائنسز جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر اربيلا ڀٽو، ۽ ليڪچرار مومل رضا شامل هئا.

مفاهمت نامي تي تي عملدرآمد 5 مئي 2024 کان شروع ٿيندو ۽ 28 فيبروري 2026 تائين جاري رهندو. ايڪسيس تحت ايس ايم آءِ يو ماڊل اسڪول جي شاگردن لاءِ ڪلاس ھفتي ۾ ٽي ڀيرا (خميس، جمعو ۽ ڇنڇر) هلايا ويندا. انگريزي ٻولي سکڻ کان علاوه شاگردن کي ڊجيٽل تعليم پڻ ڏني ويندي.

مفاهمتي ٺاهه موجب ان پروگرام لاءِ چئن قابل استادن جون خدمتون پڻ حاصل ڪيون وينديون، جڏهن ته ڪلاسز ۾ شاگردن جي حاضري کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ کين روزانو 135 روپيا ٽرانسپورٽ الائونس طور ڏنا ويندا. اهي ڊالر جي مٽاسٽا جي شرح جي حساب سان مختلف به ٿي سگهن ٿا.

معاهدي تي صحيح ڪرڻ کان اڳ ۾ سنڌ مدرسه يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي آمريڪي قونصل خاني جي عملدارن اناستاسيا ڪوليواس، عائشه ذيشان، سدرا نياز ۽ ٻين معززين جو تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ تي ٿورو مڃيو. هن ان موقعي تي سنڌ مدرسه يونيورسٽي جي ماضي ۽ حال تي پڻ روشني وڌي ۽ اهو به ٻڌايو ته ڪهڙي طرح هيءَ درسگاهه ترقي ڪري هن منزل تي پهتي آهي. ڊاڪٽر مجيب صحرائي سنڌ مدرسه يونيورسٽي ۽ آمريڪي قونصل خاني جي وچ ۾ مختلف تعليمي ۽ تربيتي پروگرامن ۾ سهڪار وڌائڻ جي خواهش جو پڻ اظهار ڪيو.

اناستاسيا ڪوليواس ٽن يونيورسٽين؛ سنڌ مدرسه يونيورسٽي ڪراچي، زرعي يونيورسٽي عمرڪوٽ ۽ ڀٽ شاهه ۾ ايڪسيس اسڪالرشپ پروگرام لاڳو ڪرڻ لاءِ سنڌ ايڇ اي سي جي سهڪار کي ساراهيو. هنن آمريڪي حڪومت جي مالي سهڪار سان مختلف پروگرامن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جن ۾ سنڌ ۾ اعليٰ تعليم جي شعبي کي هٿي وٺرائڻ جي مقصد سان مستقبل ۾ ممڪن تعاون شامل هوندو.

چيئرمين سنڌ ايڇ اي سي ڊاڪٽر طارق رفيع آمريڪي قونصل خاني ۽ سنڌ جي اعليٰ تعليمي ادارن وچ ۾ قائم لاڳاپن کي ساراهيو. هن چيو ته شاگردن جي صلاحيتن کي وڌائڻ لاءِ آئوٽ ريچ پروگرام جهڙا پروجيڪٽ ضروري آهن. هن آمريڪي قونصل خاني ۽ سنڌ جي اعليٰ تعليمي ادارن جي وچ ۾ گهرن ۽ وسيع رابطن جي ضرورت تي زور ڏنو.

عائشه ذيشان تقريب ۾ شريڪ تعليمي ماهرن کي آمريڪي حڪومت جي مالي مدد سان هلندڙ انگلش پروگرامن بابت آگاهي ڏني ته ڪيئن انهن غريب نوجوانن کي انگريزي ٻولي جي مهارتن سان بااختيار بڻائي انهن جون زندگيون روشن ڪيون آهن. هن چيو ته استادن کي انگريزي پروگرام دوران سٺي تربيت پڻ ڏني وئي آهي. هن تقريب ۾ موجود سنڌ ايڇ اي سي جي چيئرمين، سنڌ مدرسه يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ۽ ٻين وائس چانسلرن جا ٿورا مڃيا ۽ مستقبل ۾ به ساڻن تعاون جاري رکڻ جو واعدو ڪيو.

سنڌ مدرسه يونيورسٽي جي انگلش ڊپارٽمينٽ جي وفا منصور ٻرڙو سنڌ مدرسه يونيورسٽي جي انگلش ڊپارٽمينٽ ۽ آمريڪا جي ريجنل انگلش لينگئيج آفيس وچ ۾ گذريل ڪجهه وقت کان ٿيل سهڪار تي ڳالهايو. تقريب جي پڄاڻي تي ڊاڪٽر مجيب الدين صحرائي ميمڻ معزز مهمانن کي شيلڊز پيش ڪيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.