دياامر ( ويب ڊيسڪ ) گلگت بلتستان جي ضلعي ديامر ۾ مسافر بس اونهي کاهيءَ ۾ ڪِري پئي جنهن جي نتيجي ۾ فوتين جو انگ 20 ٿي ويو آهي.
ريسڪيو ذريعن موجب، صبح سوير قراقرم هاءِ وي تي يشوخل داس وٽ مسافر بس حادثي جو شڪار ٿي وئي ، جنهن جي نتيجي ۾ 20 ڄڻا فوت ۽ 21 زخمي ٿي پيا.
ريسڪيو اختيارين موجب، حادثي جو شڪار مسافر بس راولپنڊي کان گلگت وڃي رهي هئي، حادثي جو اطلاع ملڻ تي مقامي ماڻهن واقعي واري هنڌ پهچي امدادي ڪارروائيون شروع ڪيون جڏهن ته پوليس ۽ ريسڪيو اهلڪار به ڪجهه دير کانپوءِ حادثي واري هنڌ پهچي آپريشن شروع ڪيو.
حادثي کانپوءِ ريجنل اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري شهرين کان زخمين رت جي اپيل ڪئي وئي آهي
وزيراعظم شهباز شريف ۽ گلگت بلتستان جي وڏي وزير حاجي گلبر خان بس حادثي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي انتظاميا ۽ زخمين کي فوري طور طبي امداد ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي.
You might also like