صحافت جي آزادي ۽ ميڊيا سان واڳيل ماڻهن جي حقن جي تحفظ لاءِ اپاءَ ورتا وڃن: ايڇ آر سي پي

لاهور (پ ر) صحافت جي آزادي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي انساني حقن بابت پاڪستان جي ڪميشن ايڇ آر سي پي رياست کان مطالبو ڪيو آهي ته هو صحافين ۽ ميديا جي ملازمن لاءِ منصفاڻي ۽ وقت سر معاوضي کي يقيني بڻائي، کين حملن کان بچائڻ لاءِ طريقيڪار جوڙي ۽ سندن غيرقانوني حراست جي ذميوارن کي جوابده قرار ڏئي ته جيئن اظهار جي آزادي جي حق جو تحفظ ڪري سگهجي.

جيتوڻيڪ صحافت جي آزادي بابت عالمي انگن اکرن ۾ پاڪستان جي درجي بندي گذريل سال جي ڀيٽ ۾ بهتر ٿي آهي تنهن هوندي صحافي ۽ ميڊيا ملازم ڪم جي محدود ماحول ۽ پاڻ تي مڙهيل سينسرشپ جي تيزي سان وڌندڙ ڪلچر جي شڪايت ڪندا رهن ٿا. کين فرض انجام ڏيڻ دوران ڌمڪيون ڏنيون وڃن ٿيون، مٿن حملا ڪيا وڃن ٿا ۽ کين لاپتا ڪيو وڃي ٿو. سزا کان ڇوٽ بابت تازن عالمي انگن اکرن ۾ پاڪستان انهن ملڪن ۾ 11هين نمبر تي آهي جتي صحافين کي بنا ڊپ جي قتل ڪيو ويندو آهي ۽ ڏوهارين جوابدار ناهن بڻجندا. ايڇ آر سي پي کي اهو ڄاڻي به ڳڻتي آهي ته مقبول صحافي حامد مير کي تازو آزاداڻي تقرير جي حمايت ڪرڻ تي موتمار ڌمڪيون مليون آهن ۽ رياست ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڏوهارين خلاف ڪا ڪارروائي ناهي ڪئي.

اهڙي قسم جي جابراڻن ۽ ڪڌن حربن جو سلسلو بيهڻ گهرجي. صحافت جي آزادي جيڪا رياست جو چوٿون ٿنڀ سمجهي ويندي آهي، صحتمند جمهوريت جي استحڪام لاءِ اڻٽر آهي. رياست کي صحافت جي آزادي جي تحفظ لاءِ پنهنجي وابستگي ظاهر ڪرڻ گهرجي ۽ سڀني صحافين ۽ ميڊيا ملازمن، خاص طور تي اختلاف راءِ رکندڙ ماڻهن جي زندگي، ملازمت جي تحفظ، اظهار جي آزادي ۽ منصفاڻي اجرت جي حقن کي يقيني بڻائڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.