” پي ٽي آءِ وارا ڳالهين نه اين آر او جو مطالبو ڪري رهيا آهن“ طلال چوڌريءَ جو انڪشاف

لاهور (ويب ڊيسڪ ) ن ليگ اڳواڻ سينيٽر طلال چوڌري پاڪستان تحريڪِ انصاف کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته آهي ته وائيٽ پيپر ڇپجڻ سان 2018 جي اليڪشن ۾ اوهان جا ڪارا ڪرتوت اڇا نه ٿي ويندا.
پي ٽي آءِ طرفان عام چونڊن ۾ ڌانڌلي بابت وائيٽ پيپر جاري ڪرڻ واري معاملي تي ردعمل ڏيندي طلال چوڌري چيو ته وائيٽ پيپر ۾ ٽيريان، بني گالا پئلس، گهڙي چوري ۽ 190 ملين پائونڊ جي چوري جو ڌاڙو به ڇاپيو.
هن سوال اُٿاريندي چيو ته ڇا خيبرپختونخوا جون چونڊيون بشريٰ بي بي ڪرايون آهن؟ پنهنجي پارٽ جعلي ۽ فراڊ اليڪشن ڪرائڻ وارا ڪهڙي منهن سان جڊيشل ڪميشن جو مطالبو ڪري رهيا آهن؟
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ وارا جڊيشل ڪميشن نه ڪميشن گهري رهيا آهن، هو ڳالهين نه اين آر او گهري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.