پنڊيءَ ۾ برسات، ڀارت چيمپيئنز ٽرافيءَ جي ميزباني تي سوال اُٿاري ڇڏيا

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي حوالي سان هڪ ڀيرو وري پاڪستان خلاف پروپئگنڊا شروع ڪري ڇڏي.
گذريل ڏينهن راولپنڊي ۾ کيڏيل پاڪ-نيوزيلينڊ سيريز جي پهرين ميچ برسات جي ور چڙهي وئي، جنهن سبب رڳو ٻن بالن جي راند ممڪن ٿي سگهي.
ڪرڪيٽ ميچ ڏسڻ لاءِ تماشائين جو وڏو انگ پنڊي اسٽيڊيم ۾ موجود هو، جڏهن ته اسٽيڊ نه هئڻ سبب مِينهن ۾ ڀڄي ويا جنهن تي ڀارتي ميڊيا واويلا شروع ڪري ڇڏي آهي ته اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ڪيئن چيمپيئنز ٽرافي جي ميزباني ڪري سگهندو.
واضح رهي ته آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي ايندڙ سال 2025ع ۾ پاڪستان جي ميزباني ۾ ٿيندي جڏهن ته ڀارت پنهنجي ٽيم پاڪستان موڪلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
ان کان اڳ ڀارتي راندين واري وزير انوراگ ٺاڪر ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ ) تي زور ڏيندي چيو هو ته پاڪستان جي ميزباني هيٺ ٿيندڙ ميگا ايونٽ ۾ پنهنجي ٽيم موڪلڻ کان پاسو ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.