عامر جو ڪوهلي ۽ روهت بابت بيان وائرل

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر محمد عامر چيو آهي ته ويرات ڪوهلي ۽ روهت شرما ٻئي شاندار پليئر آهن ۽ سندن خلاف بالنگ ڪندي سدائين انجواءِ ڪيو آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان جاري ڪيل وڊيو ۾ محمد چئن ورهين کانپوءِ رٽائرمينٽ واپس وٺڻ ۽ قومي ٽيم ۾ واپسي سميت مختلف موضوعن تي ويچار ونڊيا.
وڊيو ۾ محمد عامر چيو ته چئن ورهين کانپوءِ پاڪستان ٽيم ۾ واپسي تي تمام گهڻي خوشي ۽ بورڊ سميت گهرڀاتين ۽ دوستن جو ٿورائتو آهيان جن مون تي اعتماد ڪيو.
هن چيو ته مان پاڻ کي 2019 واري عالمي ڪپ کان به وڌيڪ فٽ محسوس ڪري رهيو آهيان، ۽ جون ۾ شيڊيول ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کيڏڻ لاءِ تيار آهيان.
فاسٽ بالر خواهش ظاهر ڪندي چيو ته ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ پاڪستان کي چيمپيئن بڻائڻ چاهيان ٿو.
ٽيم ۾ واپسي بابت سوال تي سندس چوڻ هوته شاهين شاهه آفريدي سميت پي سي بي جي موجودا انتظاميا کيس رٽائرمينٽ واپس وٺڻ تي راضي ڪري ورتو.
محمد عامر اڳوڻي ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي ۽ موجودا ڪپتان روهت شرما جي واکاڻ ڪندي چيو ته ٻئي موجودا دور جا بهترين بيٽر آهن ۽ سندن خلاف بالنگ ڪندي سدائين انجواءِ ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.