ڪراچي: پينو فقيرن ۾ حدبندي جو تڪرار عدالت پهچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ پينو فقيرن ۾ حدبندي جو تڪرار عدالت پهچي ويو.
ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ هڪ فقيرياڻي پنهنجي ٽن ساٿي پينو فقيرن خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ جي درخواست ڪئي، جنهن تي عدالت فيصلو ٻڌايو.
عدالت عورت جي درخواست رد ڪندي چيو ته پنڻ وارو معاملو انتهائي تڪليف ڏيندڙ آهي، خبر ناهي ته ڪهڙي مجبوري آهي جو ماڻهو پنڻ تي مجبور ٿيندا آهن.
عدالت جو چوڻ هو ته عدالت مجبور ماڻهن جي جذبن جو قدر ڪندي آهي پر عدالت ڪو اهڙو فيصلو نه ٿي ڪري سگهي، جنهن جي گهر غير قانوني هجي.
عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته مجبوري پنهنجي جاءِ تي پر پنڻ جي لاءِ ڪا جڳهه مختص نٿي ڪئي وڃي، عدالت دعاڳو آهي ته ٻنهي ڌرين جون ڏکيائيون گهٽ ٿين.
پوليس موجب درخواستگذار عورت سعود آباد ۾ ڦٽ پاٿ تي خيرات گهرندي هئي، ٽن ٻين پينو فقيرن عورت کان اها جاءِ ڇڏائڻ لاءِ پوليس وٽ درخواست داخل ڪرائي هئي پر پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.
پوليس جي انڪار کانپوءِ درخواستگذار امير خاتون ٽن پينو فقيرن شفيع، نذير ۽ مير گل خلاف عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.