انسٽاگرام جهڙي ٽڪ ٽاڪ ايپ اچي وئي

ٽڪ ٽاڪ به هاڻي ميٽا جي فوٽو اينڊ وڊيو شيئرنگ ايپ جي مقابلي ۾ پنهنجي نئين ايپ متعارف ڪئي آهي.

رپورٽس موجب ٽڪ ٽاڪ ناٽس نالي ايپ ۾ رڳو تصويرون ۽ ٽيڪسٽ اپ ڊيٽ ڪرڻ سان شيئر ڪري سگهجي ٿو. اها نئين ايپ شروعاتي دور ۾ آسٽريليا ۽ ڪينيڊا ۾ متعارف ڪرائي وئي هئي.

ڪمپني جي بيان موجب فلحال ٽڪ ٽاڪ ناٽس ۾ تجربا هلي رهيا آهن، هو توقع ڪري رهيا آهن ته ٽڪ ٽاڪ واهيپدار هن نئين ايپ تي پنهنجين تصويرن ذريعي پنهنجا قيمتي لمحا ونڊيندا. ٽڪ ٽاڪ ناٽس انهن واهيپدارن لاءِ به آهي جيڪي تصويرون شيئر ڪرڻ پسند ناهن ڪندا.

هن ايپ ۾ ٻه فيڊز هونديون هڪ فار يو ۽ ٻي فالوونگ هوندي جيڪا بلڪل انسٽاگرام جيان نظر ايندي. تصويرن کي ڊگهي ڪيپشن سان پوسٽ ڪرڻ سولو ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.