ٽنڊوالهيار: موڙ ٻڌل استاد شادي اڌ ۾ ڇڏي اسڪول پهچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ضلعي ٽنڊوالهيار جي تعلقي چمبڙ ۾ پرائمري استاد شيراز رسول خاصخيلي شادي واري ڏھاڙي اسڪول پهچي ويو.

استاد گهوٽ واري لباس ۾ ساليانا امتحان وٺڻ لاءِ پنهنجي اسڪول گورنمينٽ پرائمري اسڪول احمد هاشماڻي پهتو.

ٻارن جي امتحان جا پيپر وٺڻ بعد شادي لاءِ روانو ٿي ويو.

ان جي رد عمل ۾ چيو پيو وڃي ته ظاهري طور تي استاد شادي جي ڏنهن پنهنجي فرض کي ترجيح ڏني آهي پر ان جو ٻيو رخ اهو ٿي سگهي ٿو ته استاد مشهوري چاهي ٿو ڇو ته موڙن ڳانن کانسواءِ به اسڪول اچي پئي سگهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.