ڪچي جي ڌاڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان گڏيل آپريشن جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ڪچي جي علائقن ۾ موجود شرپسندن جي مڪمل خاتمي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان گڏيل آپريشن جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
محسن نقوي جي صدارت هيٺ نيڪٽا هيڊڪوارٽر ۾ نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد لاءِ جائزي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي گهرو سيڪريٽري، نيڪٽا سربراهه، ڊي جي ايف آءِ اي، سنڌ، پنجاب، خيبر پختونخواهه، بلوچستان، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ اسلام آباد جا آءِ جيز به شريڪ ٿيا.
اجلاس جي پڌرائي موجب سنڌ ۽ پنجاب جي ڪچي ۾ گڏيل آپريشن جو فيصلو ڪيو ويو.
وفاقي گهرو وزير چيو ته ڪچي جي علائقن مان شرپسندن عنصرن جو مڪمل خاتمو ڪيو ويندو ۽ گڏيل آپريشن لاءِ ڊرونز سميت جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آندو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.