11 سيڪڙو پاڪستانين ٽيڪس چوري جي حمايت ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي 84 سيڪڙو عوام ٽيڪس ڏيڻ جي حمايت ڪندي ٽيڪس چوري کي غلط قرار ڏئي ڇڏيو.
گيلپ پاڪستان عوامي راءِ تي ٻڌل نئين سروي جاري ڪئي آهي، جنهن تحت 84 سيڪڙو پاڪستاني ٽيڪس ڏيڻ جا حامي آهن.
ٽيڪس ڏيڻ جي حامي پاڪستانين ٽيڪس چوري کي غلط ۽ ملڪي معيشت لاءِ وڏو نقصان قرار ڏنو.
سروي ۾ 11 سيڪڙو پاڪستانين ٽيڪس چوري جي حمايت ڪئي ۽ ان عمل کي درست قرار ڏنو، جڏهن ته ٻه سيڪڙو پاڪستانين موقعو ملڻ باوجود ٽيڪس نه ڏيڻ تي وچولو موقف اختيار ڪيو، نه انهن ٽيڪس ڏيڻ جي کليل حمايت ڪئي نه مخالفت.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.