ڪراٽي ڪمبيٽ 45، پاڪستان جي شاهزيب رند ڀارتي ڪپتان کي چماٽ وهائي ڪڍي، وڊيو وائرل

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني ڪراٽي ماسٽر ڀارتي ڪپتان رانا سنگهه کي ايونٽ کان اڳ پريس ڪانفرنس دوران چماٽ وهائي ڪڍي.
ڇنڇر واري ڏينهن دبئي ۾ڪراٽي ڪمبيٽ 45 جي تقريب منعقد ٿي، جنهن ۾ پاڪستاني ڪراٽي ٽيم جي ڪپتان شاهزيب رند ڀارتي هم منصب کي چماٽ وهائي ڪڍي، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي رهي آهي.
چماٽ هڻڻ کانپوءِ شاهزيب ڀارتي ڪپتان کي چيڙائيندي پڇيو ته چماٽ ڪيئن لڳئي؟
واضح رهي ته دبئي ۾ ٿيندڙ ايونٽ جي ميزباني اڳوڻو مڪسڊ مارشل آرٽسٽ باس روٽن ۽ جارج سينٽ پيئر ڪري رهيا آهن، جڏهن ته مشهور يوٽيوبر مائيڪ مجلاڪ ۽ بالي ووڊ اداڪار سلمان خان به ٽورنامينٽ کي چارچنڊ لڳائيندا.
فائيٽ جي شروعات ڪريگ جونز ۽ آندري مينز وچ ۾ مقابلي کان ٿيندي جڏهن ته لوئيز روچا ۽ ميرزا بيڪ تبيو وچ ۾ بنٽم ويٽ ٽائٽل فائيٽ شامل آهي.
ڀارت، پاڪستان دنگل ۾ رانا سنگهه جو مقابلو شاهزيب رند سان ٿيندو، همانشو ڪوشِڪ العلومي ڪريم سان مهاڏو اٽڪائيندو جڏهن ته پوَن گپتا ۽ رضوان علي هڪٻئي سان زور آزمائي ڪندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.