بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ برسات نقشو ئي بدلائي ڇڏيو، گهر ڊهي پيا، باغ تباهه

ڪراچي/ ڪوئيٽا/پشاور(رپورٽر/ م ڊ) بلوچستان ۽ خيبر پختون خوا ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي، بلوچستان ۾ فوتين جو انگ 9 ٿي ويو آهي. ميوات جا باغ تباهه ٿي ويا آهن. بلوچستان ۾ طوفاني برساتن جو سلسلو جاري آهي، جنهن سبب ڪيترائي هيٺيان علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن ۽ ڪيترن ئي گهرن جون ڇتون ڪري پيون آهن. پسني ۾ مسلسل برسات سبب 15 کان وڌيڪ گهرن جون ڇتون ۽ ڀتيون ڪري پيون. ان کان علاوه گوادر جي فقير ڪالوني، مولا فاضل چوڪ، مڪران ڪوسٽل هاءِ وي سميت هيٺاهين وارن علائقن ۾ برسات جو پاڻي جمع ٿي ويو آهي، مڪران ڪوسٽل هاءِ وي به 2 هنڌن تي گذريل 12 ڪلاڪن کان ٽريفڪ لاءِ بند آهي. چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز چيو آهي ته ڪراچي ۾ تيز برسات جو ڪوبه امڪان ناهي پر هلڪي برسات هندي. سردار سرفراز جو چوڻ هو ته سنڌ جي مختلف شهرن ۾ به وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري رهندو.  چيف ميٽرولاجسٽ چيو ته ڪي پي ۾ به برسات جاري آهي، جڏهن ته ڪي پي بعد برسات جو سلسلو پنجاب ۾ شروع ٿي ويندو. گذريل رات اورماڑا بسول وٽ سيلابي ريلي سبب پل ڊهي پٽ ٿيڻ سبب روڊ بند ٿي ويو هو ۽ پرنسز آف هوپ وٽ متبادل رستو به پاڻي ۾ ٻڏي ويو جنهن سبب زميني رابطو بند ٿي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.