فيض آباد ڪميشن، سڄو ڪم جنرل فيض، جنرل باجوا جي چوڻ تي ڪيو: خواجا آصف

اسلام آباد(م ڊ) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجا محمد آصف چيو آهي ته فيض آباد ڪميشن سنجيدگي نه ڏيکاري، سڄو ڪم جنرل فيض، جنرل باجوا جي چوڻ تي ڪيو. خانگي چينل سان ڳالهائيندي خواجا آصف  چيو ته هڪ صورتحال پيدا ڪئي ويندي آهي پوءِ ان کي ختم ڪرڻ لاءِ پاڻ اچي ويندا آهن . هن چيو ته  هن صورتحال ۾ نواز شريف خلاف سازش جا سمورا ڪردار موجود هئا. هن چيو ته ڪميشن سنجيدگي نه ڏيکاري،مون گهڻو انتظار ڪيو ته مون کي ٻيهر گهرائن پر نه گهرايو ويو،  غلام سرور لاءِ سيٽ خالي ڇڏڻ زيادتي هئي، ڪڏهن ڪڏهن اهڙا ڪم ڪرڻا پوندا آهن. جنرل فيض کي ڪلين چٽ ناهي ڏني،  جنرل فيض جي بيان مان لڳي ٿو ٿه جنرل فيض ڌرڻي جو ضامن هو. هن چيو ته ڪميشن جنهن مقصد لاءِ جوڙي وئي، ان تي سنجيدگي نه ڏيکاري.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.