اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان ۾ ٻن مهينن کان بند سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس پاڪستاني گهرو وزارت طرفان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل رپورٽ بابت پهريون ڀيرو هڪ بيان جاري ڪيو آهي. ايڪس پنهنجي ئي پليٽ فارم تي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ”پاڪستان حڪومت جي خدشن کي سمجهڻ لاءِ حڪومت سان گڏ ڪم ڪري رهيا آهيون. واضح رهي ته اهو مختصر بيان ايڪس جي گلوبل گورنمينٽ افيئرز طرفان پھريون ڀيرو جاري ڪيو ويو آهي.
-
خواجا سعد رفيق جو ايڪس تان پابندي هٽائڻ جو مطالبو
لاهور (م ڊ)پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزير خواجا سعد رفيق سوشل ميڊيا ايپ ايڪس تان پابندي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. پنهنجي بيان ۾ سعد رفيق چيو ته ايڪس تي پابندي ختم ڪئي وڃي، نگران دور ۾ ايڪس تي پابندي مڙهي وئي پابندي جو ڪو به فائدو ناهي ٿيو. واضح رهي ته گذريل ڏينهن گهرو وزارت ايڪس جي بندش خلاف درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ رپورٽ جمع ڪرائي هئي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو هو ته قومي سلامتي ۽ امن امان لاءِ ايڪس تي پابندي ضروري هئي.