حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته سنڌ حڪومت ڪڻڪ جي آبادگارن کي واپاري مافيا جي حوالي ڪري ڇڏيو آھي. بارداڻو آبادگارن بدران واپارين کي وڪرو ڪيو پيو وڃي. سنڌ جي آبادگارن کان ڪڻڪ خريد ڪرڻ بدران ٻين صوبن کان گھرائي پئي وڃي. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ ۾ جھنگ جو قانون آھي. جيڪو جيترو طاقتور آھي، اھو بادشاھ بنجي ڦرلٽ ۽ دھشت جو راڄ قائم ڪيو ويٺو آھي.