سرڪار هارين کي بارداڻي کان محروم رکي واپارين کي نوازي رهي آهي

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو ۽ نور نبي پليجو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جي رپورٽ ٻاهرين ملڪن مان ڪڻڪ خريداري ۾ سرڪار طرفان ڪيل گهوٻين کي ظاهر ڪري ٿي، رپورٽ موجب ٻاهرين ملڪن مان مهانگي اگهه تي ڪڻڪ خريد ڪرڻ سبب قومي خزاني کي 9 ارب روپين جي لڳ ڀڳ نقصان پهتو آهي. انٽرنيشنل مارڪيٽ مان سرڪار گذريل پنج سالن کان وٺي مهانگي اگهه تي ڪڻڪ خريد ڪري رهي آهي، جڏهن ته ملڪ ۾ ٿيندڙ ڪڻڪ افغانستان ۽ ٻين ملڪن ڏانهن اسمگل ڪئي پئي وڃي. سرڪار هارين ۽ آبادگارن کي بارداڻي کان محروم رکي اسمگلرن جي سهولتڪاري رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.