لاڙڪاڻي ۾ پ پ شهيد ڀٽو جو پريا ڪماري جي آزادي لاءِ ڌرڻو

لاڙڪاڻو(سٽي رپورٽ عبدالوحيد ابڙو ) لاڙڪاڻي ۾پ پ شهيد ڀٽو ۽ مغيري برادري طرفان پريا ڪماري جي بازيابي ۽ 3 هفتا اڳ ڳيريلو ٿاڻي  جي حد ۾ قتل ٿيل ممتاز مغيري جي خون سان انصاف، توڙي سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني خلاف ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن زبير جتوئي، طاهر خان مغيري، لياقت عمراڻي، عبدالستار جاگيراڻي، مقتول ممتاز مغيري جي ڀاءُ محمد ايوب مغيري، پٽ عثمان مغيري، مٺل مغيري ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 2 سال اڳ اغوا ٿيل پريا ڪماري جو اڃا تائين ڪو ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو، هنن چيو ته 3 هفتا اڳ ڳيريلو ٿاڻي جي حد ڳوٺ لطيف آباد مغيري ۾ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ممتاز مغيري قتل ۽ سندس پٽ توڙي مائٽ ڏني بخش مغيري زخمي ٿي پيا واقعي جو ڪيس داخل هئڻ باوجود پوليس هن وقت تائين مک جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته پريا ڪماري کي آزاد ڪرائي مقتول ممتاز مغيري جي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري وارثن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.