بلوچ سول سوسائٽي جو ڪارڪن جميل عمر کنڀجي ويو

ڪوئٽا (م ڊ) هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان بلوچ سول سوسائٽي جي ڪارڪن جميل عمر جي نامعلوم هٿياربندن هٿان  جبري گمشدگي تي ڳڻتي جو اظهارڪري ڇڏيو آهي. ايڇ آر سي پي موجب جميل عمر جي گاڏي تي تربت وڃڻ دوران فائرنگ ڪئي وئي، جنهن بعد کيس اغوا ڪيو ويو آهي. ايڇ آر سي پي مطالبو ڪيو ته يرغمال بڻايل بلوچ ڪارڪن کي بازياب ڪرايو وڃي ۽ حملي آورن جي سڃاڻپ ڪري ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.