ملت ايڪسپريس ۾ عورت تي تشدد ڪندڙ اهلڪار تي ڪيس داخل

بهاولپور (م ڊ) ملت ايڪسپريس ۾ عورت تي پوليس اهلڪار جي تشدد ۽ سندس موت جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب ريلوي  پوليس اهلڪار مير حسن خلاف چني ڳوٺ ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي،  سندس گرفتاري لاءِ گهرو وزارت کي خط لکيو ويو آهي، جوابدار مير حسن ريلوي جو ملازم ۽ سنڌ جو رهواسي آهي. ٻئي طرف فوت ٿي ويل عورت مريم جي وارثن کي گهرائڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ مريم جي ڀاءُ، ڀائٽي ۽ ڀائٽيءَ کي طلب ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.