ڪنگنا رناوت جي ” بڪواس “ جو جواب ڏيڻ ضروري نٿي سمجهان: پريانڪا گانڌي

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت جي اپوزيشن پارٽي ڪانگريس جي سربراهه سونيا گانڌي جي نياڻي ۽ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ پريانڪا گانڌي ڀارتيه جنتا پارٽي( بي جي پي ) جي اميدوار بالي ووڊ اداڪارا ڪنگنا رناوت تي ڇتي تنقيد ڪئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ڪانگريس جي جنرل سيڪريٽري پريانڪا گانڌي اداڪارا ڪنگنا رناوت جي بيانن کي بڪواس قرار ڏيندي چيو آهي ته سندن پارٽي مسئلن جي حل ۽ عوام جي خدمت ڌيان ڏيندي آهي.
پريانڪا گانڌي چيو ته هن وٽ ايترو وقت ناهي جو ڪنگنا رناوت جي بڪواس جو جواب ڏئي، جڏهن سندس ٿورائتي آهيان جو هوءَ اسان بابت ڳالهائي رهي آهي.
واضح رهي ته ڪنگنا رناوت هماچل پرديش رياست ۾ بي جي پي جي ٽڪيٽ تي لوڪ سڀا جي چونڊ وڙهي رهي آهي ۽ پنهنجي تقريرن ۾ ڪانگريس ۽ سندن اڳواڻن کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائي رهي آهي.
ٻئي پاسي پريانڪا گانڌي به پنهنجي امڙ سونيا گانڌيءَ جي تڪ مان اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جون تياريون ڪري رهي آهي ۽ هن وقت سياست ۾ سرگرم آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.