علي رحمٰن اداڪار ريان گوسلنگ سان هڪجهڙائي رکڻ تي پاڻ حيران

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) مشهور پاڪستاني اداڪار علي رحمٰن خان چيو آهي ته هالي ووڊ اسٽار ريان گوسلنگ سندس پسنديده اداڪار آهي پر ڪڏهن به کيس ڪنهن ناهي چيو ته هن سان مهانڊا ملن ٿا.

رپورٽس موجب پاڪستاني اداڪار جي انٽرويو جي ڪلپ وائرل ٿي وئي آهي جنهن ۾ هو چئي ٿو ته کيس ڪڏهن به ڪنهن ناهي چيو ته سندس مهانڊا هالي ووڊ اسٽار ريان گوسلنگ سان ملن ٿا. هن چيو ته هن پاڻ به ڪڏهن محسوس ناهي ڪيو نه وري نوٽ ڪيو آهي ۽ پهريون ڀيرو اتي ٻڌي ٿو ته هو هالي ووڊ اداڪار ريان گوسلنگ جهڙو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته هو ذاتي طور تي ريان گوسلنگ کي ڏاڍو پسند ڪندو آهي ۽ سندس اداڪاري پسند آهي. ان ساڳي انٽرويو ۾ اداڪار علي رحمٰن چيو ته سندس خواهش آهي ته هو صنم سعيد، سجل علي ۽ ماهرا خان سان ڪم ڪري. ٽنهي اداڪارائن جي اداڪاري جي تعريف ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.