پي ٽي آءِ باني جي آزادي لاءِ ڌرڻن جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف عمران خان جي آزادي لاءِ ڌرڻن جو اعلان ڪري ڇڏيو.
تحريڪ انصاف اڳواڻ شير افضل مروت نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته پي ٽي آءِ باني جي ڳالهين مان سمجهه آيو ته 2 يا 3 ماڻهو پارٽي ۾ واپس اچي سگهن ٿا، جن ماڻهن پارٽي ڇڏيندي پارٽي مٿان الزام هنيا انهن کي واپس نه اچڻ گهرجي.
هن چيو ته عثمان ڊار پارٽي ۾ واپس اچي سگهي ٿو، ڇو ته هن جي فيملي گهڻي تڪليف برداشت ڪري چڪي آهي، مليڪا بخاري جي به پارٽي ۾ واپسي جو ذڪر ٿيو هيو، جيڪي ماڻهو پارٽي ۾ اچي سگهن ٿا، انهن ۾ علي نواز جو نالو به شامل آهي.
سندس چوڻ هو ته اسلام آباد ۾ ڌرڻا ڏيڻ سان عمران خان جي آزادي ۾ آساني ٿيندي، تحريڪ انصاف باني جي آزادي لاءِ جلد ڌرڻو هڻنداسين، سموري جماعت هڪ پيج تي آهي، 21 اپريل کانپوءِ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.