واٽس ايپ تي واهپيدارن لاءِ هڪ بهترين فيچر اچي ويو

واٽس ايپ تي هر ڏينهن نئون فيچر اچي ٿو جنهن جيڪو واهيپدارن جي لاءِ وڏي سهولت بڻجي وڃي ٿو.

رپورٽس موجب انسٽنٽ ميسينجگ ايپ واٽس ايپ تي تازو هڪ نئون فيچر متعارف ڪيو ويو آهي جنهن ۾ واهپيدارن لاءِ ميسيجز آرگنائز ڪيو ويو آهي. چيٽ فلٽرز جي هن نئين فيچر ۾ واٽس ايپ ۾ آل، ان ريڊ ۽ گروپس جي نالي سان 3 چيٽ فلٽرز دستياب ٿيا آهن. جيئن نالي مان ڄاڻ ملي ٿي ته آل تي ڪلڪ ڪرڻ سان سڀ چيٽس هوم فيڊ تي نظر اينديون.

رپورٽس موجب انريڊ جي چونڊ ڪرڻ سان رڳو اهي چيٽ نظر اينديون جن کي نه پڙهيو ويو آهي جڏهن ته گروپ فلٽرز تي ڪلڪ ڪرڻ سان رڳو گروپ چيٽ کي ڏسڻ ممڪن هوندو. واضح رهي ته ان ريڊ ميسيجز پڙهڻ لاءِ هڪ فلٽر پهريون به سرچ بار ۾ موجود هو پر هاڻي ان کي فيڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

هي فيچر واهيپدارن جي سهولت لاءِ متعارف ٿي چڪو آهي جيڪو واٽس ايپ جي اپ ڊيٽ سان اچي ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.