گهوٽڪي ڀرسان ڪٺور دل پيءَ فائرنگ ڪري ڌيءَ کي قتل ڪري ڇڏيو،2 زخمي

گهوٽڪي/سرحد ( نمائندن وٽان) سرحد ٿاڻي جي حد ڳوٺ گلزار ڪورائي ۾ جوابدار والد  علي محمد ڪورائي، گهر ۾ ويٺل ٽن ڌيئرن مٿان پسٽل سان فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ سندس جون ٽي ڌيئرون صائمه،  سيمان ۽ صنم ڪورائي سخت زخمي ٿي پيون، واقعي بعد علائقي واسين ٽنهي زخمي ڇوڪرين کي کڻائي سول اسپتال گهوٽڪي منتقل ڪيو جتي نوجوان ناري صنم ڪورائي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي، جنهن بعد ناري صنم ڪورائي جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارث حوالي ڪيو ويو جڏهن ته زخمي صائمه ۽ سيمان ڪورائي جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ تي کين سکر اسپتال ريفر ڪيو ويو، ان سلسلي رابطو ڪرڻ تي سرحد پوليس جو چوڻ هو ته واقعو گهرو اڻبڻت تان پيش آيو آھي جنهن ۾ جوابدار علي محمد ڪورائي ٽن ڌيئرن صائمه، سيمان، ۽ صنم کي گوليون هڻي زخمي ڪيو، جنهن ۾ ناري صنم ڪورائي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويو .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.