عدالت پاران ڪي ايم سي جي روپوش ڊائريڪٽر جو ڪارڊ نمبر جمع ڪرائڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر)جڊيشنل مجسٽريٽ سينٽرل جي عدالت ۾ سائن بورڊ ڪرائن سان شهري فوت ٿيڻ واري ڪيس ۾ ڪي ايم سي ڊائريڪٽر اظهر علي جي مسلسل غير حاضري تي عدالت ڪي ايم سي کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن .عدالت روپوش جوابدار جي شاختي ڪارڊ نمبر ۽ ولديت 22اپريل تائين عدالت ۾ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي .سائن بورڊ جو واقعو آگسٽ 2023ع جو پيش آيو.جنهن هڪ شهري فوت ۽ ٻه زخمي ٿيا .ڪيس ميونسپل ڪمشنر اختر شيخ ،ڪي ايم سي جي ڊائريڪٽرتسليم احمد ۽ اظهر علي سميت ٻين جي خلاف داخل آهي .اظهر علي جي علاوه سموران جوابدارن سيشن عدالت مان ضمانت ورتي آهي .عدالت اظهر علي جي خلاف ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري آهي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.