ملت ايڪسپريس ۾ عورت تي تشدد ڪندڙ اهلڪار جي ضمانت رد ڪرائڻ درخواست داخل

حيدرآباد(رپورٽر) ملت ايڪسپريس ۾ عورت تي ريلوي پوليس اهلڪار پاران تشدد ڪرڻ ۽ بعد ۾ ان ئي عورت جو لاش ملڻ وارو واقعو, ريلوي پوليس حيدرآباد جوابدار مير حسن جي ضمانت رد ڪرائڻ جي لاءِ عدالت  ۾ درخواست داخل ڪرائي ورتي آهي. اهڙي درخواست ايس ايڇ او ريلوي پوليس حيدرآباد پاران سيڪنڊ سول جج اينڊ جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ داخل ڪرائي وئي, جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته عورت تي تشدد ڪندڙ اهلڪار جاچ ۾ تعاون نٿو ڪري, ان اهلڪار جو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرائڻ به ضروري آهي, ان ڪري جوابدار اهلڪار مير حسن جي ضمانت فوري طور تي رد ڪئي وڃي. جنهن تي عدالت نوٽيس جاري ڪندي اهلڪار مير حسن کي 22 اپريل تي طلب ڪري ورتو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.