شعر جو شعر هجڻ اهم آهي

تحرير: رکيل مورائي

سنڌي قديم شاعريءَ کان جديد شاعريءَ تائين جي اچڻ واري سفر بابت الڳ الڳ حوالن ۾ الڳ الڳ منشائن هيٺ توڻي الڳ الڳ موضوعن هيٺ ايندڙ اڀياس، جا توڻي تنقيدي مضمون ۽ مقالا توڻي ڪتاب ڪيترائي اڄ اسان وٽ موجود آهن. انهن مان ڪيترائي جيئن نهايت اهم آهن، ساڳئي نموني ڪيترائي غير اهم پڻ آهن. پوءِ به ڪتاب ته آهن. انگن ۾ ڳڻيا ويندا.ورهاڱي کان پوءِ سنڌي شاعريءَ (قديم توڻي جديد) بابت ڪو غير معمولي تنقيدي اڀياس/ڪتاب ڳولبو ته ملي ضرور ويندو پر اهڙن ڪتابن جو انگ گهڻو نه ملي سگهندو. اهو سنڌي شاعريءَ جو الميو ليکبو.

اڄ جي جديد شاعريءَ تائين ايندي پڻ سنڌيءَ ۾ ڪو غير معمولي تنقيدي ڪتاب اڻ لڀ نه تڏهن به گهٽ ضرور آهي، ڪجهه اڀياسي ڪتاب ضرور ملي سگهندا. ساڳئي وقت ڪي شاعراڻن ڪتابن جا مهاڳ وغيره ضرور اهڙا آهن جن ڌيان ڇڪايو آهي، نئين صديءَ ۾ اهو تاثر به آخري ساهه کڻي رهيو آهي، جنهن سبب اڄ جي ڪتابن جا مهاڳ پڻ پاسخاطريءَ هيٺ لکجي رهيا آهن جن ۾”روشن ڇانورو“ ڪتاب تي لکيل سڳن آهوجا جي مهاڳ جهڙو مهاڳ ڳولبو ته نه لڀندو، هن ڪتاب مان ڪي تنقيدي جزا ته ملي سگهندا جيڪا به غنيمت آهي.

جيڪو ڪلچر زور پڪڙي رهيو آهي اُهو اهو آهي ته جيڪو لکندڙ، جنهن ڪتاب تي مهاڳ لکي رهيو آهي ان لاءِ اول آخر اهم ترين ڪتاب اهو آهي ۽ اهم ترين شاعر پڻ اهو آهي. سنڌيءَ ۾ ڪو شاعراڻو تنقيدي اڀياس/ڪتاب موجود نه هجڻ جو نقصان اهو ٿي رهيو جو اڄ شاعر جيترو پاڻ کي ورجائي رهيو آهي، اهو اڳتي هلي مايوس صورتحال جو سبب بڻجڻ وارو آهي، مجموعي طور ائين لڳي رهيو آهي ته ڄڻ سنڌي شاعري پاڻ ورجائي رهي آهي.

دنيا جيتري نئين ٿي آهي سنڌي شاعري اوتري ئي ورجاءَ جو شڪار آهي، اها ڪجهه نئون نه ڏئي رهي آهي. ويچار جي سطح تي اها هر ٻئي ڏينهن غريب ٿي رهي آهي، جيڪا ڳالهه اهو چٽو ڪري رهي آهي ته اڄ جو نوجوان نئين شاعري سنجيدگيءَ سان نه پڙهي رهيو آهي، هن وٽ نئون ويچار بنهه گهٽ آهي. ٻوليءَ جي خوبصورتي آهي جيڪا ان جي ڀرم جي پاسداري ڪري رهي آهي.

اهڙي وقت ۾ جيڪو سنڌي نئين شاعريءَ لاءِ غربت جو دور آهي. هنڌ ۾ رهندڙ اسان جي سنڌي ٻوليءَ جي نامياري اسڪالر ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي صاحب سنڌي شاعريءَ جو اڀياس لکي، اسان جو ڌيان ڇڪايو آهي ته سنڌي ٻولي ماضيءَ ۾ شاعراڻي ادب جي حوالي سان ڪيتري شاهوڪاري ماڻيل ٻولي رهي آهي. هيءُ ڪتاب پڙهي اڄ شدت سان محسوس ٿي رهيو آهي ته ٻوليءَ جي ماضيءَ واري شاهوڪاري لڳاتار غربت ڏانهن وڌي رهي آهي. سچ چوڻ ته اهو آهي ته اها ايڪيهين صديءَ ۾ غربت جي لڪير کان به هيٺ وڃي رهي آهي.

ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي صاحب جو هي تفصيلي اڀياس لکت هيٺ ايندڙ شاعريءَ جو قديم کان جديد تائين جو اهڙو اڀياس آهي، جيڪو چٽي طرح اهو ٻڌائي رهيو آهي ته عظيم شاعريءَ لاءِ ڪهڙين ڳالهين جي گهرج هوندي، جيتوڻيڪ مان سمجهان ٿو هي ڪتاب سنڌي شاعريءَ جو تنقيدي اڀياس بنهه نه آهي، ان جو وڏو حصو تشريحي اڀياس هيٺ ايندڙ آهي.

هن ڪتاب جي گهڻي اهميت اِها آهي ته هيءُ ڪتاب انهن مڙني شخصن جي اڀياس هيٺ اچڻ گهرجي جيڪي شاعريءَ سان دلچسپي رکندڙ آهن، ضروري آهي، انهن جي شعر لکڻ سان دلچسپي آهي، انهن لاءِ اهو سوچڻ ڪيترو ٺيڪ آهي ته ڪجهه به لکڻ کان پهريان گهڻو ڪجهه پڙهڻ جي گهرج پوندي آهي، هتي شاهه سائين جي عملن ۽ ڄاڻ جي ذريعن کي استعمال ڪرڻ جو مثال  هروڀرو ضروري نه آهي اهو سڀ محسوس ڪرڻ جو مسئلو به آهي.

ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي صاحب جو هيءُ شاعريءَ جو اڀياس اهڙو آهي، جو ان کي وَرِ وَرِ پڙهڻ گهرجي، ان مان شاعري ڪندڙن ۽ شاعري سکندڙن لاءِ ڪيئي نوان رستا نڪرڻ وارا آهن، هيءُ ڪتاب اڄ جي جديد دور ۾ (جديديت پڄاڻا کان پهريان) اهو احساس ڏياري رهيو آهي ته هن کي پڙهڻ کان پوءِ اسان جا نوجوان لکندڙ اها ڳالهه ته سمجهي سگهندا ته سنڌي شاعريءَ ۾ اڄ تائين ڇا آهي جيڪو نه لکيو ويو آهي، جنهن تي کين لکڻ گهرجي.ٻي صورت ۾ ڪجهه به نئون لکڻ کان اڳ سمجهڻ ته چاهي!

هر دور پنهنجون گهرجون طلبيندو آهي، پنهنجو اظهار طلبيندو آهي، پنهنجي ٻولي طلبيندو آهي، پنهنجا موضوع طلبيندو آهي ۽ پنهنجا گهاڙيٽا طلبيندو آهي. ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي صاحب جو ڪتاب اهڙيون اڻ ڳڻيون وضاحتون ڏيندڙ ڪتاب آهي.ڪتاب جي شروعات سنڌي شاعريءَ جي لکت ۾ ايندڙ پهرئين شاعر قاضي قادن سان آهي ۽ ڪتاب جي پڄاڻي سنڌي ٻوليءَ جي جديد شاعر کيمن يو مولاڻيءَ تي ٿئي ٿي.

ڪتاب جو آخري باب اڄ جي پڙهندڙن لاءِ نهايت ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته ان باب ۾ انهن ڪتابن بابت نهايت گهرو اظهار لکيل آهي. جيڪي ڪتاب هند جي علمي ادبي اداري ”ساهتيه اڪيڊميءَ“ جو آبرودار ايوارڊ ماڻي چڪا آهن.ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي صاحب پنهنجي اسي سالن کان وڌندڙ عمر ۾ هڪ اٺڪاٺيو ڪم هٿ ۾ کڻي جيڪو هيءُ ڪتاب لکيو آهي اهو سنڌي شاعراڻي ادب تي احساس ڪري ئي ليکبو، ڇاڪاڻ ته ڊاڪٽر صاحب پاڻ شاعر نه آهي ۽ هن گهڻو لکيو وري شاعرن تي آهي. ڪتاب الهاس نگر ممبئي مان ڇپيو آهي، هند ۾ رهندڙ نئين نسل پاران هن ڪتاب جهڙو ڪتاب سنڌي ادب کي نصيب ٿيند اهڙو ويچار ئي مها اڻ ڄاڻائي آهي ان جو هڪ سبب ته سنڌي ڪتابن جي پهچ جو آهي ۽ اهم سبب ان جذبي جو آهي، جنهن جي اڄ جي نسل وٽ اڻ هوند آهي.

ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي پنهنجي هن عمر ۾ هيءُ ڪتاب لکي نئين نسل کي لکڻ جو سبب پيدا ڪري ڏنو آهي، سنڌي ادب سندس هيءُ احسان وساري سگهي ان لاءِ کيس گهڻي ڪوشش ڪرڻي پوندي. اڄ جڏهن هند ۽ سنڌ جي سنڌي ڪتابن جي هڪ ٻئي تائين پهچ جهڙو ڪر ناممڪن بڻجي چڪي آهي، اهڙي وقت ۾ هي ڊيلڪس سائيز ۾ ڇپيل ضخيم ڪتاب جاکوڙ ڪري موڪلڻ لاءِ مان پنهنجي ليکڪ دوست ڪيلاش شاداب جو نهايت ئي ٿورائتو آهيان. ٻيءَ طرح اسان دنيا جي سمورن ليکڪن جي، خاص طور سنڌي ليکڪن جي اها گهر آهي ته سرڪارين کي ڪتابن جي ڏي وٺ آسان ڪرڻ گهرجي، اهو سندن پنهنجن ماڻهن تي احسان ٿيندو ۽ بس!

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.