ايران ۽ اسرائيل باھ سان کيڏڻ لاءِ تيار آھن

ايران جي ھاڻوڪي حملي جو پس منظر دمشق ۾ سندس سفارتخاني تي ڪيل حملو آھي.جنھن جي  اسرائيل ذميواري تھ نٿو کڻي. پر ھي حملو ان جو جواب ئي آھي.جنهن ۾  ايران جي انقلابي گارڊز  جي پرڏيهي شاخ قدس فورس جو سينيئر ڪمانڊر برگيڊيئر جنرل محمد رضا زاهدي سميت 13 ڄڻا مارجي ويا ھئا. اسرائيل جو الزام آهي ته اھي لبناني شيعه گروپ حزب الله کي هٿيار ڏيڻ لاءِ ايران جي آپريشن ۾ مددگار ھئا.

اسرائيل تي اھو حملو غزا ۾ جنگ جو سبب بڻيو.جنھن سان ايران، ان جي پراڪسيز ۽ وچ اوڀر ۾ اسرائيل جي اتحادين جي وچ ۾  ڇڪتاڻ شروع ٿي ويو جيتوڻيڪ ايران 7 آڪٽوبر جي حملي ۾ پنھنجي ڪنهن به ڪردار کان انڪار  ڪري ٿو.ايران جاگرافيائي طور تي اسرائيل کان تمام وڏو ملڪ آهي ۽ ان جي آبادي اٽڪل 9 ڪروڙ  آهي، جيڪا اسرائيل کان ڏهوڻ تي وڌيڪ  آهي، پر ان جو مطلب اهو ناهي ته ان جي فوجي طاقت بھ اسرائيل کان وڌيڪ آهي.ايران ميزائل ۽ ڊرونز ۾ وڏي سيڙپڪاري ڪئي آهي. هن وٽ هٿيارن جو پنهنجو وسيع ذخيرو آهي، پر اسرائيل جي دعويٰ  آھي تھ ايران پنھنجي حامي گروپس ۾ ھٿيار ڏئي رھيو آھي.جنھن ۾يمن ۾ حوثي ۽ لبنان ۾ حزب الله شامل آھن،پر ايران وٽ جديد هوائي دفاعي نظام ۽ جنگي جهازن جي کوٽ آهي. ان جي پورائي لاءِ روس ان سان سھڪار ڪري رھيو آھي. انڪري جو ايران  يوڪرين جنگ ۾ روس جي مدد ڪئي آھي.

ايران جي مقابلي ۾ اسرائيل دنيا  وٽ دنيا جي جديد ترين هوائي فوج آھي.  ھڪ رپورٽ موجب اسرائيل وٽ جھازن جا گهٽ ۾ گهٽ 14 اسڪواڊرن آهن ، جن ۾ ايف 16 ،ايف 15 ۽ جديد ترين ايف 35 استليٿ جيٽ شامل آهن.اسرائيل کي دشمن جي علائقي ۾ اندر وڃي حملن جو تجربو پڻ آهي.ايران وٽ ايٽمي هٿيار نه آهن ۽ ھو انهن الزامن کي رد ڪري ٿو.عالمي جوهري نگران اداري جي مطابق، گذريل سال ايران جي زير زمين فورڊو سائيٽ تي يورينيم جا ذرڙا ڏٺا  هئا.جيڪي ھٿيارن جي درجي جي ويجھو ھئا.ايران عالمي طاقتن سان 2015 ۾ ٿيل ايٽمي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي ٻن سالن کان وڌيڪ عرصي کان 60 سيڪڙو تائين يورينيم افزودگي ڪري رهيو آهي.

بهرحال،آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ 2018 ۾ هڪ طرفي طور تي ڊيل تان ھٿ کنيو ھو ۽ ايران تي پابنديون ٻيهر لاڳو ڪيون،ان بعد اھو معاھدو ختم ٿيڻ جي ويجھو آھي. اسرائيل ائٽمي معاهدي جي مخالفت ڪئي ھئي.ايراني حملي کانپوءِ نيتن ياهو چيو ته اسان ان کي روڪي ناڪام ڪيو ۽ گڏجي اسان هي جنگ کٽي آھي.پر برطانوي پرڏيهي پاليسي جي  صلاحڪار ۽ لبنان ۾ اڳوڻي برطانوي سفير موجب ته ايراني حملو ان جي صلاحيت ۽ پهچ جو هڪ غير معمولي مظاهرو هو.هن خبردار ڪيو ته ايران ۽ اسرائيل ٻنهي جون قيادتون اندروني طور تي دٻاءُ ۾ آهن، عالمي تنقيد کي منهن ڏئي رهيون آهن ۽ اھي ٻئي وري جنگ جي باهه سان کيڏڻ لاءِ تيار آهن. برطانوي ماھر موجب لڳي ٿو ته ايران اهو حملو ڪافي سوچي سمجهي ۽ احتياط سان  ڪيو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.