ذمي کان آجو

تحرير: امر جليل

توھان ان ڳالھھ کي ڇڏيو ته مان ڪير آهيان، ڪهڙي ملڪ جو رھواسي آهيان. مان  ڇا ڪريان ٿو ۽ اڄ تائين ڇا ڪندو رھيو آھيان.توھان  صبر سان ھي ڪهاڻي  ٻڌو ۽ ڳالهھ جي تھھ تائين پھچڻ جي ڪوشش ڪريو. مان ڄاڻان ٿو  تھ  سس ۽ ننھن جھڙن موضوعن تي ڊراما ڏسندڙ کوجي ذهن  جا مالڪ ھوندا آھن.اوھان  الله سائين جو نالو وٺو ۽ تحمل سان ڪھاڻي ٻڌو ۽ کوج لڳايو.ها، هڪ ٻي ڳالهه جي  وضاحت ڪرڻ چاهيان ٿو. هن ڪهاڻيءَ ۾ سڏيندڙن  مون کي اڳوڻي سرڪار جي نالي سان سڏيو آھي.  اڳوڻي سرڪار منھنجي ذات ۽ منهنجي سڃاڻپ آهي. اها سڃاڻپ مونکي پنهنجي  ابي ڏاڏي کان ملي آهي. اها سڃاڻپ منھنجي ابن ڏاڏن کي سندن ابن ڏاڏن کان ملي هئي. اوهان  جيستائين سرڪار نھ رھي چڪا ھجو تڏھن اوھان کي اڳوڻي سرڪار  سڏرائڻ جو  قانوني يا غير قانوني حق نٿا رکو.هاڻي توهان پاڻ اندازو ڪريو تھ  اسان پيڙھي کان ڪنھن ملڪ جي سرڪار جا نامدار  رھندا آيا آھيون. اڳوڻي سرڪار جو لقب مفت ۾ ناهي ملندو. اوهان ڪنھن ايري غيري نٿو خيري کي اڳوڻي سرڪار نٿا سڏي سگھو،اڳوڻي سرڪار چورائڻ جي لاءِ اوھان کي ڪجهه غير معمولي ڪرڻو پوندو آھي.ان موضوع تي وري ڪنھن مھل ڳالھائبو. في الحال اوھان  ڪهاڻي ٻڌو. جيڪڏھن اوھان چاھيو ته ان کي افسانو بھ سڏي سگھو ٿا.

تازي ئي ڳالھھ آھي  ٽيليفون جي گھنٽي وڳي.منھنجي ھيلو ھاءِ چوڻ کان اڳ  ڪنهن سٺي زبان  يا سٺي لهجي بدران سخت لهجي ۾ چيو. ”توهان اڳوڻي  سرڪار ڳالهائي  رهيا آهيو  يا اڳوڻي  سرڪار جا ھم زلف نالي  زلف پريشان ڳالھائي رھيا آھيو ؟ “ ايئن  مون سان پهريون ڀيرو ٿي رهيو هو. مونکي تعجب ٿيو.مون ڄاتو پئي۽ ڄاڻان ٿو ته روايتن  اسان جي ملڪ ۾ ڪو  ايراغيرا نٿو خيرا  اهڙي  ڪرخت آواز ۾  ۽ دٻدٻي واري لھجي ۾ نھ ڳالهائيندو آهي. مون کي ان ڳالھھ جي پڪ انڪري آهي ته بنا ڪنهن ڪارڪردگيءَ ۽ ووٽر جي دل سڪون جي، اسان اڳوڻي سرڪار هر ڀيري چونڊن ۾ سرخرو ٿيندا آيا آھيون.

اھا تھ اتفاق جي ڳالهه آهي ته اسان کي ڪنهن رٿا جي تحت اسين اڳوڻي سرڪار بڻايا وڃون ٿا.اسان جي سامھون ڪو ٻيو بازيگر بازي مارڻ بعد سرڪار نامدار ٺاهيو وڃي ٿو.ماڻھون اڳوڻي سرڪار سان ان ڪري بھ بدتميزي نٿا ڪن جو اھي ڄاڻن ٿا ته اھي وڃڻ وارا ويندا  نھ آهن، هٿ پير ھڻندا رھندا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏھن  اڳوڻي سرڪار مان سرڪار نامدار بڻجي سگھن ٿا.

فون تي ڳالھائيندڙ کي مون چيو ”مان اڳوڻي سرڪارڳالهائي رهيو آهيان.“ ڦاٽل دھل جھڙي آواز۽  وڌيڪ سخت لهجي ۾ هن چيو. ”سرڪار نامدار توھان کي سڏايو آھي ،اسان توکي  وٺڻ اچي رھيا آهيون.“ ان کان اڳ جو مان هن کان ڪجهه پڇان، هن فون بند ڪري ڇڏيو. هن جو ڦاٽل دھل جهڙو آواز ۽ڪرخت لھجو ڄاتل سڃاتل لڳو. ٿوريءَ دير بعد ڪجھه مشٽنڊا آيا. انهن ۾ ڦاٽل دھل جهڙي آواز ۽ سخت لهجي  وارو ٿلھو سڀني کان اڳيان ھو،ھن کي ڏسندي ئي مون سڃاڻي ورتو. اسين جڏهن سرڪار نامدار هئاسين تڏھن ٿلھو اسان جي خاص ڪارندن مان هڪ هوندو هو. تڏهن هو جونيئر هو، تنهن ڪري اڳيان اڳيان نه رھندو ھو.ماڻهن  کي ڇٺي جو کير ياد ڏيارڻ ۾ ھن جو ڪو ثاني نھ ھو.پرتباڪ لھجي ۾هن جو نالو وٺندي مون چيو ” لڳي ٿو صدين کان پوءِ توکي ڏسان پيو. ڪيئن آهين؟”

هن سخت لهجي ۾ ڳالهائيندي چيو، ”تون وسارين پيو، مان اهو نه آهيان، جيڪو تون سمجھي رھيو آھين،“ تڏهن مون کي ياد آيو ته ٿلھن کي تربيت ڏني ويندي آھي تھ اھي سرڪار نامدار کان سواءِ ڪنهن کي نھ ڄاڻن ۽ نھ سڃاڻن. ڪرخت ٿلھو،جڏهن مان سرڪار نامدار هوندو هئس، منهنجو نمڪ خوار ماتحت رھي چڪو ھو، هاڻي ته مان هڪ اڳوڻي سرڪار بڻجي چڪو آهيان، هن مون کي سخت لهجي ۾ چيو "سڀئي اڳوڻيون سرڪارون مون کي سڃاڻڻ ۾ غلطي ڪري وڃن ٿيون. تون بھ مون کي سڃاڻڻ ۾ غلطي ڪري رهيو آهين.“جواب ۾ مان ڪجهه چوان ھا، ڪرخت لھجي ۾ ٿلھي  چيو. ”اٿ… اسان توکي وٺڻ آيا آهيون. سرڪار نامدار توکي سڏرايو آهي“.

ٿلھن متارن مون کي کنيو ۽ اچي سرڪار نامدار اڳيان پيش ڪيو. سرڪار نامدار هڪ ڦٽيچر  قسم جي شخص ڏانهن اشارو ڪندي چيو ” ھن جي ڏوهن جي فهرست ڊگهي آهي. هن کي عمر قيد يا موت جي سزا ٿي سگهي ٿي. پر مان چاھيان ٿو تھ ھن جي سزا  توکي ڏيان .سڄي عمر سڙڻ  جي لاءِ مان توکي جيل ۾ وجھي ڇڏيندس، يا ڦاھي جي ڦندي ۾ٽنگي ڇڏيندس، .. خس ڪم جھان پاڪ.”

مون حيران ٿيندي پڇيو. ”پر ھن جي ڏوهن جي سزا  تون ڇو  ڏيڻ چاهين ٿو ؟” غور سان ھن ڏانھن  ڏسو. ڇا تون هن کي نٿو سڃاڻين؟” سرڪار نامدار چيو. "هي هڪ نھ انيڪ آهن.”

مان غور سان ڦٽيچرڏانھن ڏسندي چيو ”مون مان اڄ کان اڳ ھن کي ڪڏھن نھ  ڏٺو آهي. ھي خبر ناهي ڪير آهي “

سرڪار نامدار چيو. اڳوڻي سرڪار اوھان سڀ اڳوڻيون سرڪار نامدار ھئا تڏھن اھو ڏوھاري ننڍڙو ھو، معصوم جھڙو لاوارث ٻار هو.گند ڪچري مان روزي روٽي تلاش ڪندو ھو.تڏھن اھو ھڪ نھ انيڪ ھو،تو ھن جي مٿي تي ھٿ نھ رکيو.ھن جي رھڻ ڪھڻ، تعليم ۽ تربيت لاءِ ڪجهه به نه ڪيو . ھن کي عزت جي زندگي گذارڻ جو گر نھ  سيکاريو. تو هن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو. هن کي ڏوھارين سان پرورش پائڻ لاءِ ڇڏي ڏنو.“

مون تعجب مان چيو. ”سرڪار نامدار، اهو سڀ گذريل 75 سالن کان ٿيندو پيو اچي. توهان جي دور ۾ به لاوارث ٻار ڪچري مان روزي ڳوليندا رھندا آهن.“ سرڪار نامدار چيو ”اھو سوال تون اسان کان نٿو ڪري سگھين. جڏهن اسين اڳوڻي سرڪار بڻجي وينداسين،تڏھن جي دور جي سرڪار اسان کان اھو سوال پڇي سگھي ٿي“

”تيستائين “

”تيستائين  لاوارث ٻار گند ڪچري مان روزي روٽي ڳوليندا رهندا ۽ هر سرڪار نامدار پنھنجي پاڻ کي ان ذمي کان آجو ثابت ڪندي رهندي“

(روزاني جنگ جي ٿورن سان )

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.