اسرائيل ايران خلاف ڪھڙي ڪارروائي ڪري سگھي ٿو ؟

تحرير: يوسف سيف

ھاڻي جنگ ۾ٽيڪنالوجي جي صلاحيت وڏي اھميت رکي ٿي.پراڻا سمورا تصور ھاڻي ختم ٿي ويا آھن. پروپئگينڊا ۽ نفسياتي پھلوءَ بھ اھم آھن.ان پس منظر ۾ اسرائيل امڪاني طور ايران خلاف تازي ڌڪ جو ڪھڙو جواب ڏئي سگھي ٿو ڪا ڪارروائي ڪندو يا عالمي ملڪن جي ھدايت تي اھو سور سھي ويندو.اھو سوال ھن وقت گھڻو اھم بڻجي ويو آھي. ايران جي ڪيل متوازن۽ محدود حملي بعد دلچسپ بحث جاري آھن.

تازي حملي جو جواز شام جي راڄڌاني دمشق ۾ اسرائيل جي ڪيل ڪارروائي قرار ڏنو ويو آھي.جنھن ۾ ٻين کانسواءِ ايران جي پاسدارن انقلاب جو اھم ڪمانڊر جيڪو ٻاھرين ملڪن جي معاملن کي سنڀاليندو ھو ان جو مارجڻ گھڻو اھم سمجھيو وڃي ٿو.

اسرائيل ايران جي خطي ۾ وڌندڙ پراڪسيز کي روڪڻ جي لاءِ لڳاتار ايران جي ڪمانڊرن ۽ سائنسدانن کي ھدف بڻائيندو آيو آھي.ميڊيا موجب ھر ھفتي شام ۾ ڪنھن نھ ڪنھن ھنڌ اسرائيل ايران تي وار ڪندو ھو،جڏھن ايران جي سفارتخاني تي حملو ڪيوويو تھ ان ايران سوچي سمجھي ان جو خاصو سمارٽ جواب ڏنو آھي.

اسرائيل تي تازي حملي کان اڳ اسرائيل ھڪ محفوظ ترين ملڪ قرار ڏنو پئي ويو.جتي جا ڳجھا ادارا تيز ترين آھن،سماجي زندگيءَ  آھي ۽اسرائيل دنيا جي ھر حملي کي منھن ٽوڙ جواب ڏيڻ جو سمورو سامان پاڻ وٽ رکي ٿو.وٽس جديد ھٿيار آھن.اھو ھڪ تاثر قائم ٿيل ھو. ايران جي چتاءُ توڙي حماس سان جاري جنگ سبب اسرائيل ۾ ھاءَ الرٽ بھ ھو.يعني چوڪسي سخت ترين ھئي.

پر اسرائيل جي ھاءِ الرٽ ھئڻ جي باجود ايران ڪارروائي ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو.ايران جو حملي کان اڳ اسرائيل جي محفوظ ترين ھئڻ وارو تاثر ان وقت بھ ختم ٿي ويو ھو جڏھن حماس ان جي سخت حفاظت وايون سرحدون اورانگھيون ھيون.

ميڊيا موجب اسرائيل کي پنجن ملڪن جي مدد سان ايران جي حملي کي روڪڻ جي لاءِ ھڪ بلين ڊالرز جو نقصان سھڻو پيو آھي.ان جي ڀيٽ ۾ ايران جي ڪيل حملي تي خرچ جو ڪاٿو 33 ميلن ڊالرز ٻڌايو ويو آھي.

ھاڻي ڇا اسرائيل ايران جي حملي جو جواب ڏيندو  ؟ ھتي اھو سمجھڻ لازمي آھي تھ ايران ھن ڀيري پنھنجي  ھٿيار ن جي ذخيري ۾ موجود پراڻي کيپ ڪڊي ھئي.ان جو مقصد متوازن ۽ محدود ھدف ھو.ان جو مطلب اسرائيل کي ڪو وڏو نقصان رسائڻ بدران اھو تاثر ختم ڪرڻ ھو تھ اسرائيل تي حملو نٿو ٿي سگھي.ان تحت ئي ايران پنھنجي زمين تان بھ ان حملي ۾ شريڪ ٿيو.جنھن جو جواب ڏيڻ اسرائيل لاءِ ضروري سمجھيو پيو وڃي.

ھن وقت جي صف بندي موجب ايران عالمي سطح تي پابندين ۾ ھئڻ سان گڏ اڪيلو ملڪ آھي،جنھن وٽ پنھنجي حمايت ۾ ڪجهھ ملڪن ۾ جٿا آھن جن  جي ايران مدد ڪندو رھي ٿو، پر اھي اھڙين جاين ۽ ھنڌن تي موجود آھن،جيڪي اسٽريٽيجڪ نقطھ نظر کان اھم سمجھيا پيا وڃن. جن ۾ حوثي،حماس، حزب الله ۽ عراق ۾ ھن جا حامي شامل آھن.انھن اتحادين ۾ فيصلو ڪندڙ ايران ئي آھي.

ٻئي پاسي اسرائيل آھي،جنھن ۾ اتحادي آمريڪا، فرانس،برطانيا اھم آھن،جڏھن تھ تازي ڪارروائي۾ اردن پڻ اسرائيل جي مدد ڪئي آھي.اتحادي اسرائيل کي تحمل جي مظاھري جو مشورو ڏئي رھيا آھن.ايتري تائين جو آمريڪا سڌو جواب ڏئي ڇڏيو آھي.جنھن بعد اسرائيل کي اڪيلي سر فيصلو ڪرڻو آھي تھ اھو ايران خلاف ڪھڙي ڪارروائي ڪري ٿو ؟

ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ ڪافي مفاصلو آھي. جنھن ڪري اسرائيل کي ڪنھن وڏي تياري واري حملي جي لاءِ ٻين ملڪن کان ان حوالي سان مدد گھربل ھوندي تھ ان جا جھاز اتان تيل ڀرائين.جڏھن تھ اھو فوري طور تي خاصو ڏکيو مرحلو آھي.

دنيا ۾ جنگن جو تصور مٽجي ويو آھي.رڳو ھٿيارن سان ھڪ ٻئي جي آمھون سامھون ٿيڻ ۽ ھڪ ٻئي جي ماڻھن مارڻ ئي جنگ نھ آھي.نفسياتي جنگ وڏو ھٿيار آھي.تازي ڇڪتاڻ ۾ ايران کي ان ۾ سرسي حاصل ٿي آھي.

روايتي جنگ ۾ وقت ،ھٿيارن ۽ وسيلن جو خاصو زيان ٿئي ٿو.ان ڪري غير راوئتي جنگ جا طور طريقا رائج ٿي رھيا آھن.ايران جي حملي جو مقصد اھو باور ڪرائڻ ھو تھ اسرائيل جي اندر وڃي ڪري ڪارروائي ڪري سگھجي ٿي.

ايران ڪارروائي ۾پنھنجي مڪمل صلاحيت پڌري نھ ڪئي آھي. ڪي بھ اھڙا ھٿيار بھ ڪتب نھ آندا آھن جيڪي دنيا کان لڪيل ھجن.ان ڪري خيال آھي جيڪڏھن اسرائيل تازي حملي جو جواب ڏئي ٿو تھ ان کي گھڻي مٿا ڪٽ ڪرڻي پوندي.ڇاڪاڻ جو ايران ھاڻوڪي حملي جي تھ وارننگ ڏني ھئي  تھ وري حملي بعد بھ اھو اعلان ڪري ڇڏيو آھي تھ جواب ملڻ جي صورت ۾ سخت بلڪھ ان جي ڏھوڻ تي ردعمل ايندو .

ايران ان  دوران ھڪ جھاز تي بھ قبضو ڪيو آھي،جنھن سان بھ آمريڪا توڙي دنيا کي اھو پيغام ڏنو ويو آھي تھ ايران ڪنھن بھ ردعمل تي اھڙي نوعيت جي ڪارروائي بھ ڪري سگھي ٿو.

گڏيل قومن ۾ بھ بظاھر جيڪو ردعمل سامھون آيو آھي ان موجب اسرائيل کي اھو چيو پيو وڃي تھ جيڪو ٿيو سو ڇٽو، ھاڻي وڌيڪ ڇڪتاڻ يا شدت کي ھوا نھ ڏني وڃي.جنھن مان  تاثر ملي رھيو آھي تھ اسرائيل کي اھو” سور پيئڻ “ جي ھدايت ملي رھي آھي.

ڪجھه ماھرن جو خيال آھي تھ اسرائيل امڪاني طور تي ڪنھن غير روايتي طريقي سان ردعمل ظاھر ڪندو جنھن ۾ سائبر اٽيڪ اھم ٿي سگھي ٿو.ان کانسواءِ اسرائيل ايران جي حامي قوتن يا ان پاران وڙھندڙ جٿن خلاف ڳجھي ڪارروائي ڪري سگھي ٿو.

ھڪ ٻيو خيال ھي آھي تھ نائن اليون بعد آمريڪا ۽ اتحادين جي آيل ردعمل يا عراق ۾ ھٿيارن پنھوارن سان داخل ٿيڻ جو آمريڪا کي فائدي ٿيڻ بدران نقصان ٿيو آھي.ان ڪري ھاڻي ھڪ ٻئي جي حقي پاڻي بند ڪرڻ واري حڪمت عملي کي اثرائتي قرار ڏيندي جنگ جي ٻين طور طريقن اختيار ڪرڻ تي ويچاريو پيو وڃي.

جيڪڏھن ڪنھن وڏي جنگ ڇيڙڻ جي اڳرائي ٿئي ٿي تھ ايران کي حمايت روس ۽ چين کان بھ ملي سگھي ٿي.ڇاڪاڻ جو انھن جي ويجھڙائپ ڪنھن کان لڪيل نھ آھي.پر عالمي ملڪ اھڙي ڪنھن جنگ کان بچڻ چاھين ٿا. ھر ڌر پنھنجي مفادن جي حصول جي لاءِ ٿيندڙ نقصان ۽ فائدي کي نظر ۾ رکي ڪري حڪمت عملي جوڙي رھي آھي. ان ڪري ھن معاملي کي سنجيدگيءَ سان ڏسندڙن جو خيال آھي تھ اسرائيل وٽ سڌي ڪارروائي جا آپشن گھٽ رھن ٿا. ان ھوندي بھ ڪنھن اڳرائي جي صورت ۾ اسرائيل کي نقصان وڌيڪ ۽ فائدو گھٽ ٿي سگھندو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.