نوراني جي پانڌيئڙن لاھوتين سان پيش آيل المناڪ حادثي جا ڪجهه سبب

تحرير: خدا بخش بروھي

اڄ جتي نوراني تي ويندڙ ٺٽي جي پانڌيئڙن سان ٿيل حادثي سندن ڳوٺ علاقي ۾ سوڳ وارو ماحول پيدا ڪري  ڇڏيو آھي اتي ھر لاھوتي قلندري لطيفي ملتاني، ھنگلاچي پانڌيئڙن جي جيءَ  کي گھايو ۽  ڏکايو آھي ۽ ساڳي وقت  انھن جي اک به  کولي ڇڏي آھي گھڻن جو خيال آھي درگاھن جي عقيدت ۽ عشق ۾ جتي زائرين ٻانھون لوڏي جوشيلا نعریٰ ھڻي ھلندڙ بسن ٽرڪن مان ڪري پون ٿا، تيئن ساڳي وقت ڪجهھ سيکڙاٽ ڊرائيور جوش ۾ اچي وڃن ٿا پوءِ  اھي به  گاڏين کي گير ھڻي ڇڪي رکن ٿا ان ڪري اھڙن المين کي قطعي طور روڪي يا رد  نٿو ڪري سگھجي ٻئي پاسي   اتي جي صوبائي حڪومت چونڊيل نمائندن جو به  فرض ٿئي ٿو ھو ان طرف ڪجهھ ڌيان ڌرين  زائرين جي رش ڳاڏين جي ڀرمار کي ڏسي ڪو سٺو روڊ ٺھرائي ڏين جيئن ڏيرا غازي جي جبلن ۾ سخي سرور جو روڊ آھي ، يا ڪشمير جي علائقي ميرپور ۾ دمڙيان والي سرڪار جو روڊ آھي  جيڪي جبلن جي وچ ۾ آھن جتي زائرين لاءِ   روڊ تمام ڪشادا آھن ،يا پنڊيءَ  جي  پاسي گولڙا شريف سائين مھرعلي جي درگاهه  تي سھولتون آھن.

ٻئي پاسي ان  کان به  انڪار نٿو ڪري سگھجي احتيات ڪرڻ به  ضروري آھي بلوچستان ۾ ڪافي  درگاھون آھن ھڪ ھنگلاج لس ٻيلي طرف آھي جنھن تي ھندو ياتري وڃن ٿا جتي شاهه  عبدالطيف  ڀٽائي به  جوڳين سان گڏ  ويو ھو، جنھن اتي جي منظر ڪشي ڪندي پاڻ فرمايائون ته ،

ڪوڙا سامي ڪوڙا ڄوڳي ڪوڙو سندن پنڌ،

ھوت ھر ھنڌ ھو ڳولين ھنگلاچ ۾،

ساڳي ٻيو بيت ھي آھي،

سچا سامي سچا ڄو ڳي سچو سندن پنڌ،

ھوت ھر ھنڌ ھو ڳولين ھنگلاج ۾،

اڄ اتي به  روڊن سميت ڪا سھولت ناھي لس واري نئين وھي اچي ٿي ته  انھن ھنگلاچين کي وڏي تڪليف ٿئي ٿي  پر سوين گاڏيون  ميلي ۽ خاص ڏھاڙن تي اتي وڃن ٿيون  جن ۾ ھندو ياترين جو  وڏو انگ آھي جيڪو رش ھاڻ ڏينھون ڏينھن وڌي رھيو آھي ٻئي پاسي ڪوناڙو پير حسن پير رکيل شاهه  جا به  پانڌيئڙا بلوچستان جو رخ ڪن ٿا ايئن  نوراني تي عقيدت مندن جي به  تمام وڏي رش ٿيندي آھي ھزارين گاڏيون اتي ھر سان وينديون آھن حادثا به  ٿين ٿا،ان کي روڊ جي خراب ھجڻ چئجي يا ڊرائيورن جي غلطي چئجي؟

ڏسجي ته   نوراني وارو روڊ ته  ھاڻ ڪجهھ وقت  اڳ ٺھيو آھي ان کان اڳ اھو روڊ منگھي پير کان وٺي درگاهه  تائين ڪچو ھوندو ھو وڏيون وڏيون چاڙھيون لڪ  لاھيون، اينديون ھيون، حب ۽ ويرھاب جون  نيون وھي  اينديون ھيون، نين جي وھي اچڻ ڪري ڪافي ماڻھو لڙھي مئا آھن  مسافر  ڪيترائي ڏينھن   رڪجي ويندا ھئا ڪڏھن ايئن به  ٿيندو آھي جو  ھيلي ڪاپٽرن ذريعي ماڻھن کي ريسڪيو ڪيو ويو آھي  پر تنھن ھوندي   انھن سڀني لڪن کي لتاڙي پٻ ۽ ھاڙي  جبل جو پاسو وٺي سسئي جي رَِنَدَنَ پيرن  جي   نشانن سسئي جون  جبلن تي پيل عڪس ۽ اولڙن واري اھا ِِوِندر واري واٽ  ان ور،وڪڙن ۽  وراڪن جي وچ واري پيچرن  مان گذري نوراني سرڪار ۽ لاھوت کي پھچبو ھو.

مونکي  چڱي طرح ياد آھي ان رستي تي سڀ کان پھرين  اسان جي عزيز عطا محمد بروھي باشاني جون مسافر  بسون ۽  ٽرڪون ھلنديون ھيون جڏھن رش وڌڻ لڳي  ان کان پوءِ  ٻين  ماڻھن به  بسون ان رستي تان ھلائڻ شروع ڪيون، ان وقت ھڪڙو قانون ۽ اصول ھيو ته   چاڙھين تي چڙھن کان ھيٺ لھڻ تائين گاڏي مسافرن کان  خالي  ڪري ڇڏبي ھئي  اھو طريقو 2 کان ٽي دفعا رستي ۾  ورجائبو  ھو جنھنڪري پھچڻ ۽ واپسي ۾  وقت به  گھڻو لڳندو ھو پر نقصان گھٽ ٿيندا ھئا ايڪسٽنٽ تقرين ٿيندائي ڪونه  ھئا ساڳي وقت  عام ڏينھن ۾ ڪا ايڏي رش نه  ٿيندي  ھئي البته  ھر سال رمضان جي مھيني ۾ ميلو لڳندو آھي  ان ۾ ڏاڍي رش  ٿيندي آھي  ھاڻي ميلو ته  ٺھيو عيد براد، محرم جا ڏھ ڏينھن  12 ربيع الاول ۽ عام ڏينھن تي بسون ٽرڪون ٻيون ڳاڏيون ڀرجيون وڃن ٿيون، ٻئي پاسي  تقريبن موالي ملنگ خاص ڪري مزدور پيٽي ٺيڪيدار ڊرائيور طبقو گهڻو  اچي ٿو  اتي سنڌ کان وڌيڪ موالين ۽  منلگن جا جٿا پنجاب کان  اچن ٿا  ڳاڏين ۾  مستاني مرحومه  جا ڳانا،،، چلو ري سخي ري چلو جيئي  شاه  نوراني چل ڪه  سخي نون سنائي غم کي ڪھاني، جي راڳ ۽ ردم ۾ گاڏين وارا گاڏين کي تيز ڪري ڇڪي رکن ٿا پوءِ  اتي حادثن جي ٿيڻ کي روڪڻ ڏکيو ھوندو آھي، ٻئي پاسي نوراني بابا تي ھر سال ھزارن جي تعداد ۾ قلندر کان پنڌ ڪافلا نڪرن ٿا جن سان به  ڪافي مسئلا ٿيڻ ٿا.

ڪجهھ سال اڳ ڪافي ماڻھو اڃ وگھي يا خراب پاڻي پيئڻ سبب فوت ٿيا ھئا پر انھن پانڌيئڙن کي اڄ تائين ڪير نٿو روڪي سگھي ڇوته  اھي ھڪ وقت نوراني ۽ قلندر جا ملنگ پانڌيئڙا لاھوتي ھاھوتي ھوندا آھن، ٻئي پاسي حڪومتي سطح تي ان طرف ڪو ڌيان ناھي.

ڳالھه تازي واقعي ٺٽي جي ماڻھن جي ڪنداسين ته  مري ويل تقريبن ريتي بجري ڪڍندڙ مذدور ھئا جيڪي ڪريش پلاٽن لاءِ   ۽ سرڪاري ڪمن لاءِ  روڙي پٿر ڪڍندا ھيا ٽرڪ ڌڻي انھن کي تقريبن ھر عيد تي نوراني جي زيارت تي وٺي ويندا ھئا ھن سال جيڪو واقعو ٿيو جنھن  ڪافي ڪمائو پٽن کي موت جي گھاٽ چاڙھي ڇڏيو  يقينن جتي 19 ماڻھن جو المناڪ موت ٿئي  ۽ 50 کن زخمي ٿي اسپتالن ۾ ھجن مئلن مان 12  ھڪ ئي  خاندان جا ڪمائو  فرد ھجن ته  پوئتي انھن جي مائٽن تان ڇا گزريو ھوندو، انھن جو ذريعي معاش جو ڇا ٿيندو؟ مڃون ٿا زائرين کي وٺي ويندِڙ ڊرائيورن جون غلطيون ھجن ٿيون  پر بدقسمتي سان سنڌ بلوچستان ٻن  درگاھن قلندر ۽ نوراني جي پانڌيئڙن سان تقريبن  ايئن ڇو ٿو ٿئي  ان تي سوچڻ ضروري آھي ان مسئلي جو خاتمو اچڻ،گھرجي،

نوراني جي درگاه  انھن ڏانھن ويندڙ روڊ تي ليوي پوليس پاران ٽيڪس وصولي ٺيڪ ٺاڪ آھي پر رستي ۾  ايندڙ نين مٿان پلون ناھن روڊ سٺو ناھي ڊرائيوين کي تنبيهھ ناھي  ان ڪري حادثا به  ٿين ٿا،نوراني  جي پانڌيئڙن ۽ لاھوت لامڪان جي لاھوتين  لاءِ  ڪا سھولت ناھي ضرورت ان ڳالھه جي آھي ھن روڊ کي پلن سميت ٺاھي پانڌيئڙن سان پيش ايندڙ حادثن کي روڪيو وڃي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.