مهانگائي جو وڏو سبب هر پندرهين ڏينهن پيٽروليم جي اگهن ۾ واڌ آهي

اسان پهريون به الائي ڪيترائي ڀيرا اهو لکي چڪا آهيون ته هر پندرهين ڏينهن پيٽروليم جي اگهن ۾ واڌ سان ئي مهانگائي جو لاڳيتو طوفان برپا ٿيندي نظر ايندو آهي. جيڪو رڪجڻ جو نانءُ ئي نه ٿو وٺي. وفاقي حڪومت ان پاليسي تحت ٽيون ڏينهن پندرهن اپريل تي به تيل جي اگهن ۾ تمام وڏو اضافو ڪندي پيٽرول ساڍا چار روپيا ۽ ڊيزل 8 روپيا 14 پيسا في ليٽر مهانگو ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته پهرين اپريل تي عيد جي موقعي تي پڻ حڪومت پيٽرول 10 روپيا في ليٽر مهانگو ڪيو هو. ايئن ايندڙ پندرنهن ڏينهن کان پوءِ وري حڪومت پيٽرولم جي اگهن ۾ واڌ ڪندي يا وڌ ۾وڌ ساڳين اگهن کي برقرار رکندي. وري ايئن به ٿيندو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم جا اگهه ڪرڻ سبب هتي به اگهه معمولي طور گهٽايا ته ويندا آهن پر ٽرانسپورٽ سان سلهاڙيل شين جا اگهه جيڪي هڪ ڀيرو وڌي ويندا آهن تن جو اگهه ناهي گهٽايو ويندو هتي رڳو شين جا اگهه وڌايا ئي ويندا آهن، جنهن نتيجي ۾ مهانگائي گهٽجڻ جو نانءُ ئي ناهي وٺندي. حڪومتي انتظاميا به ايڏي متحرڪ، سگهاري ۽ هاءِ الرٽ ناهي جو اُها وقت سر وڌيل قيمتن ۾ لاٿ آڻي سگهي.

حڪومت کي ان مسئلي تي سنجيدگي مان سوچڻ گهرجي ته آخر ان روز روز جي مهانگائي کان ڪيئن عوام جي جند ڇڏائجي. اهو به سوال پنهنجي جاءِ تي موجود آهي ته حڪومت واقعي به مهانگائي گهٽائڻ چاهي ٿي يا نه. جيڪڏهن اها مهانگائي گهٽائڻ چاهي ته يقيني طور تي ڪيترائي طريقا ۽ رستا ڳولهي سگهجن ٿا. مثال طور ماضي ۾ ساليانو هڪ ڀيرو پيش ٿيل بجيٽ ۾ ئي شين جا اگهه طئي ٿيندا هيا ۽ پوءِ سڄو سال اهي ساڳيا اگهه رهندا هيا. تنهن ڪري سڄو سال مهانگائي ساڳي تناسبت سان موجود هوندي هئي.  اڳتي هلي جڏهن ماهوار پيٽروليم جا اگهه وڌائڻ جو سلسلو شروع ٿيو ته پوءِ ماهوار شين جا اگهه وڌڻ لڳا ۽ ايئن ماهوار مهانگائي وڌڻ لڳي. اڳتي هلي وري جڏهن پيٽروليم جا اگهه پندرهن وار وڌڻ لڳا ته مهانگائي به پندرهن وار وڌڻ لڳي. اهو آهي مهانگائي جو سفر ۽ ان جو سبب.

اگهه ته بظاهر پيٽرول ۽ ڊيزل جا وڌندا آهن پر پيٽرول ۽ ڊيزل تي هلندڙ ٽرانسپورٽ تي جيئن ته هر شئي سپلاءِ ٿئي ٿي ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي ٽرانسپورٽ سان سلهاڙيل هر شئي جو اگهه به وڌي ويندو آهي ۽ ايئن پيٽروليم ۽ ڊيزل جا وڌيل اگهه سڌوسنئون عوام کي متاثر ڪندا آهن.

هاڻي سوال اُهو ٿو پيدا ٿئي ته مهانگائي جي ان طوفان کي ڪيئن روڪجي. ان حوالي سان حڪومت کي سوچڻ گهرجي ۽ صلاح مشوري لاءِ ڪانفرنس  به ڪوٺائي سگهجي ٿي. اسان جي صلاح اها هوندي ته جيڪڏهن اهو ممڪن هجي ته ماضي وانگر سال ۾ هڪ ڀيرو بجيٽ ۾ پيٽروليم ۽ ٻين شين جا اگهه مقرر هجن ۽ پوءِ سڄو سال ساڳيا اگهه برقرار  رهن. ٻيو وري اهو حل آهي ته ماضي وانگر مهيني ۾ هڪ ڀيرو پيٽروليم جا اگهه وڌايا وڃن، گهٽ ۾ گهٽ پندرنهن وار پيٽروليم جا اگهه وڌائڻ جو ته سلسلو هر قيمت تي ختم ٿيڻ گهرجي.

اهلڪارن کي عوام دوست رويو اختيار ڪرڻ سيکاريو وڃي

ان ۾ ته ڪو شڪ ئي ناهي ته ”طاقت“ ۽ ”اختيارن“ کي ڏاڍائي ۽ سختي طور استعمال ڪرڻ جي روايت رهي آهي. جڏهن ته اهي اختيار ۽ طاقت اصل ۾ عوامي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڏنا ويندا آهن پر هتي طاقت ۽ اختيار کي مسئلا پيدا ڪرڻ جو سبب بڻايو ويندو آهي. ان سلسلي ۾ خاص طور تي پوليس، فوج ۽ رينجرز جو ڪردار عوام دوست ناهي سمجهيو ويندو ان جو ڪارڻ اهو آهي ته انهن پنهنجن اختيارن ۽ طاقت کي عوام جي خلاف استعمال ڪيو آهي.

اهڙن واقعن ۾ تازو ڪراچي کان حيدرآباد ويندڙ ملت ايڪسپريس ۾ ريلوي پوليس اهلڪار طرفان عورت پيسينجر تي ٿيل تشدد آهي جنهن وگهي اها فوت ٿي وئي. ان تشدد جي ويڊيو پڻ وائرل ٿي آهي جنهن تي اهو تشدد ۾ ملوث اهلڪار معطل ڪري لائين حاضر ڪيو ويو آهي. ايئن هڪ واقعو ايئرپورٽ تي ٿيو جو هڪ معصوم ٻارڙي ايئرپورٽ تي ٻاهران آيل پيءُ جي آجيان لاءِ ڊوڙندي وئي ته سيڪيورٽي اهلڪار کيس وارن کان ڇڪي پٽ تي اڇلايو اها ويڊيو به وائرل ٿي جنهن نتيجي ۾ ان خلاف به ڪارروائي ٿي.

مطلب ته عوام جي جان، مال ۽ عزت جي تحفظ لاءِ مقرر ڪيل اهلڪار خود عوام جي جان جا دشمن بڻيل هجن ۽ پنهنجي طاقت انهن تي استعمال ڪن ته باقي ڇا بچيو. پر افسوس ته اهو رويو عام آهي. اسان جا اهلڪار بجاءِ ان جي ته عوام دوست هجن انهن جو تاثر عوام وٽ رهزنن وارو جڙيل آهي. سو ان مسئلي جو حل اهو آهي ته اسان جي اهلڪارن کي اخلاقيات جا به ڪورس ڪرايا وڃن، جن ۾ کين سيکاريو وڃي ته عوام سان ڪيئن عزت ۽ احترام سان ڳالهائجي. ادارن ۾ يا ڪنهن به هنڌ برابر  سٺا ۽ خراب ماڻهو انفرادي طور ملندا آهن پر اسان جي اهلڪارن ۾ يقينن عوام دوست اهلڪار به رهيا آهن جن جي تاريخ ٺهيل پر مجموعي طور تي ڏسجي ته اهلڪارن جي ساک بهتر ناهي. انهن کي عوام دوست رتبو حاصل ناهي.

اسان وٽ عام طور تي سٺي اخلاق واري ماڻهوءَ کي سٺو انسان سمجهيو ويندو آهي سو سٺي اخلاق جي هر هنڌ ضروت هوندي آهي خاص ڪري انهن عملدارن وٽ ته لازمي طور اخلاقيات هئڻ گهرجي جن جو سڌوسنئون عوام سان تعلق هجي ٿو تنهن ڪري جتي اهلڪارن کي پنهنجي شعبي بابت فني تربيت ڏني ويندي آهي اتي کين عوام سان اخلاق سان پيش اچڻ بابت به ڪورس ڪرايا وڃن ۽ کين سمجهايو وڃي ته اوهان کي هي اختيار ۽ طاقت عوام جي خدمت لاءِ عطا ڪيا ويا آهن، انهن کي رهزني لاءِ ڪتب نه آڻيو ۽ ايئن پنهنجن ادارن کي ۽ پاڻ کي عوام دوست اهلڪار بڻايو. اهڙي اخلاقي تربيت جي اسان جي اهلڪارن کي سخت ضرورت آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.