ٻين جي جسم مان اٿندڙ بوءِ ذهني پريشاني گهٽائي ٿي! تحقيق

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هڪ تحقيق ۾ عجيب ڳالهه اها سامهون آئي ته ٻين جي جسم جي بوءِ سنگهڻ سان انزائٽي يا پريشاني گهٽجي سگهي ٿي.

سويڊن جي محققن اهو نئون تجربو پنهنجي تحقيق ۾ ڪيو جنهن ۾ بغلن جي پگهر جو استعمال ڪيو ويو ۽ ان جي نتيجن ۾ چيو ويو آهي ته انزائٽي کي انساني ڪيمو سگنلز جي مدد سان گهٽائي سگهجي ٿو.

سويڊن ۾ ڪيرولنسڪا انسٽيٽيوٽ جي محققن پنهنجي تحقيق ۾ ٻڌايو ته جڏهن مائنڊفلنيس ٿراپي سان بوءِ به هجي ته انزائٽي ۾ تقريبن 40 سيڪڙو گهٽتائي اچي ٿي.

تحقيق موجب اها بوءِ انسانن کي کاڌي يا دونهيندار باهه مان خطرو محسوس ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿي.

سويڊش محققن جو چوڻ هو ته انساني جسم جي اها بوءِ اسان جي جذباتي ڪيفيت يعنيٰ اهو به ٻڌائي سگهي ٿي ته انسان خوش آهي يا ڳڻتي ۾ آهي.

هن تحقيق لاءِ محققن انزائٽي ۾ مبتلا 48 عورتن کي بغلن جي پگهر جا ڪجهه نمونا سنگهڻ ۽ گڏوگڏ مائينڊ فلنيس نالي روايتي ٿراپي حاصل ڪرڻ جو چيو.

هنن 48 عورتن مان ڪجهه عورتن کي واقعي بغلن جي پگهر کي سنگهڻ لاءِ نمونا ڏنا ويا ۽ ٻين کي صاف هوا ڏني وئي.

تحقيق جا نتيجا سامهون آيا ته اهي عورتون جن بغلن جي پگهر جي بوءِ سنگهي هئي انهن ۾ ٿراپي جو اثر وڌيڪ نظر آيو.

اسٽاڪ هوم ۾ ڪيرولنسڪا انسٽيٽيوٽ جي سربراهه محقق ايليسا ويگنا جو چوڻ آهي ته هڪ اهڙو انسان جيڪو گهڻو خوش هجي ۽ هڪ اهڙو شخص جيڪو ڪنهن فلم جي ڪلپ ڏسي ڊڄي وڃي، ٻنهي جي جسم مان پيدا ٿيندڙ پگهار جو هڪ جهڙو اثر هوندو آهي، ان لاءِ شايد عام طور تي پگهر ۾ انساني ڪيمو سگنلز بابت ڪجهه اهڙو موجود هو جيڪو هن تحقيق دوران انزائٽي جي علاج تي اثرانداز ٿيو هو.

هنن چيو ته اهو به ٿي سگهي ٿو ته رڳو ڪنهن ٻئي انسان جي موجودگي سامهون اچڻ سان هن تحقيق دوران اهو اثر سامهون آيو هجي پر اڃان اسان کي ان جي تصديق ڪرڻ جي ضرورت آهي.

هنن وڌيڪ چيو آهي ته اصل ۾ اسان هاڻي اهڙي ئي ريت هڪ ٻيو مطالعو ڪري رهيا آهيون ته جيئن تازي تحقيق ۾ سامهون آيل نتيجن جي تصديق ڪري سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.