ڇوڪرين جي ننڍي عمر ۾ شادي بابت وڏو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ چائلڊ ميرج ايڪٽ 1929 جي 95 ورهيه پراڻي قانون ۾ ترميم جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
چائلڊ ميرج ايڪٽ 1929 تحت ڇوڪرَي جي شادي جي عمر 18 سال ۽ ڇوڪريءَ جي 16 سال آهي، جنهن ۾ عدالت عمر ۾ فرق جي شق کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.
لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شاهد ڪريم 5 صفحن جو لکت فيصلو جاري ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته چائلڊ ميرج خلاف اثرائتا قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، شادي جي قانون جو مقصد سماجي، اقتصادي ۽ تعليمي عملن سان جڙڻ آهي.
عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته آئين تحت سمورا شهري قانون جي نظر ۾ برابر آهن، ڪنهن به شهري سان امتيازي ورتاءُ نٿو ڪري سگهجي، جڏهن ته چائلڊ ميرج ايڪٽ 1929 ۾ عمر جو فرق امتيازي ورتاءُ آهي، عمر جي ان فرق کي غير آئيني ۽ ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ٿو، حڪومت عدالتي فيصلي جي روشني ۾ چائلڊ ميرج ايڪٽ ۾ 15 ڏينهن ۾ ترميم ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.