ماني کان اڌ ڪلاڪ اڳ بادام کائڻ جو فائدو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صبح، منجهند ۽ رات جو کاڌي کان 30 منٽ اڳ بادام کائڻ جو عمل صحت کي وڏو فائدو پهچائي ٿو.

اهڙي غذا سان وڌندڙ بلڊ شگر جي سطح کي 20 سيڪڙو تائين گهٽ رکڻ ۾ مدد ملي ٿي.

محقق وڏي وقت کان بادام کائڻ سان جسم تي پوندڙ اثرن تي جاچ ڪري رهيا هئا.

هڪ تازي تحقيق مان خبر پئي آهي ته کاڌي کان اڳ بادام کائڻ شگر کان اڳ واري صورتحال، وزن گهٽائڻ ۽ بلڊ شگر جي سطح کي معمول تي آڻڻ ۾ مددگار آهي.

ماهرن اها ڳالهه ٻن نين تحقيقن جي روشني ۾ چئي آهي جيڪا 12 هفتا جاري هئي.

ان مطالبي ۾ 60 ماڻهن کي نيرن،مانجهاندي ۽ رات جي کاڌي کان 30 منٽ اڳ 20 گرام بادام يعنيٰ بادامن جا ٿورڙا ڪڻا ڏنا ويا هئا.

ماهرن ڏٺو ته ان سان ڊائبيٽڪ مان نجات ملي وئي.

خيال رهي ته جيڪڏهن اسان بلڊ شگر جي سطح کي ڪنٽرول نه ڪنداسين ته وقت گذرڻ سان گڏ شگر ٽائپ ٽو جو شڪار ٿي وينداسين.

محققن جو چوڻ آهي ته بادام کائڻ واري عادت رت ۾ سڻڀ جي سطح کي توازن ۾ رکڻ سان گڏ ٻيا فائدا به ڏئي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.