ٻيا صوبا به پنجاب جيان بجلي چوري روڪڻ لاءِ قدم کڻن: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ٻين صوبن کي به پنجاب جيان بجلي چوري روڪڻ جا قدم کڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
بجلي جي شعبي بابت اجلاس ۾ گفتگو ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته بجلي چوري روڪڻ لاءِ حڪومت پرعزم آهي ۽ ان ڏس ۾ پنجاب جي ڪارڪردگي بهتر آهي، تنهن ڪري ٻيا صوبا به بجلي چوري روڪڻ لاءِ قدم کڻن.
هن چيو ته بجلي جي پهچ جي نظام جي صلاحيت ۾ واڌ اڻٽر آهي، بجلي جي پهچ جي نظام جي بهتري لاءِ ڪنسلٽنس جي مقرري جي ضرورت آهي.
سندس چوڻ هو ته سڄي ملڪ ۾ برساتون ٿي رهيون آهن، اين ڊي ايم اي حڪومتن سان گڏجي حڪمت عملي واضح ڪري، برساتن سان نقصانن جي حوالي سان اين ڊي ايم اي کي هدايتون ڏنيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.