موسميات کاتي جي سنڌ سميت ملڪ جي مختلف حصن ۾ تيز برساتن اڳڪٿي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ايندڙ ڏينهن ۾ ملڪ جي اڪثر ضلعن ۾ برسات جو نئون سلسلو شروع ٿيڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته مٿانهين علائقن ۾ وڌيڪ برفباري ۽ ڳڙي جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
موسميات کاتي ڪراچي ۾ 18 اپريل کان تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي، گذريل ڏينهن به سنڌ جي راڄڌاني جي ڪيترن ئي علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات پئي، اڄ وڌيڪ برسات جو ڪو به امڪان ناهي.
چيف ميٽولوجسٽ سردار سرفراز جو چوڻ آهي ته اولهه هوائن جو هڪ ٻيو سلسلو 17 اپريل تي ڪراچي ۾ داخل ٿيندو.
هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ گذريل ڏينهن برسات اميد موجب ٿي، مناسب برساتن سبب هن سال وڌيڪ گرمي جو ڪو به امڪان ناهي.
سردار سرفراز جو اهو به چوڻ هو ته مئي ۽ جون ۾ گرمي هوندي پر اها گهڻي نه هوندي.
ٻئي پاسي خيبرپختونخواهه، ڪشمير، اسلام آباد، پنجاب، گلگت بلتستان ۽ پوٽوهر جي علائقن ۾ وڌيڪ برسات ۽ ٿڌڪار جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.