سام سنگ آءِ فون کي مات ڏئي ڇڏي

سموري دنيا ۾ پسند ڪئي ويندڙ ايپل ڪمپني جي موبائيل آءِ فون جي وڪري ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
2024ع جي شروعاتي ٽن مهينن دوران عالمي سطح تي ايپل ڪمپني جي موبائيلن جو وڪرو ڏهه سيڪڙو تائين گهٽجي ويو آهي.
عالمي سطح تي سمارٽ فون جي وڪري جي انگ اکرن تي نظر رکڻ واري ڪمپني آءِ ڊي سي جي رپورٽ موجب، جنوري کان مارچ 2024ع تائين گذريل سال جي ڀيٽ ۾ آءِ فون جي وڪري ۾ ڏهه سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي.
اهڙي طرح سام سنگ هلندڙ سال جي شروعاتي ٽن مهينن دوران سڀ کان وڌيڪ فون وڪرو ڪندڙ ڪمپني جو اعزاز هڪ دفعو ٻيهر پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي.
آءِ ڊي سي جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ان کان اڳ 2023ع ۾ ايپل ڪمپني سڀ کان وڌيڪ موبائيل فون وڪرو ڪري سام سنگ کي پوئتي ڇڏي ڏنو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.