آصفه ڀٽو زرداري جي نواب شاهه مان بنا مقابلي ڪاميابي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳوڻ آصفه ڀٽو زرداري جي اين اي 207 نواب شاهه تان بنا مقابلي ڪاميابي کي عدالت ۾ چئلينج ڪيو ويو.
آصفه ڀٽو زرداري جي قومي اسيمبلي ۾ بنا مقابلي ڪاميابي کي تڪ 207 نواب شاهه سان واسطو رکندڙ اميدوار غلطي مصطفيٰ رند چئلينج ڪيو آهي، غلام مصطفيٰ رند پي ٽي آءِ وڪيل وهاب بلوچ معرفت درخواست داخل ڪرائي، جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن سميت آصفه کي ڌر بڻايو ويو آهي.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته 22 اپريل تائين ڪاميابي ۽ چونڊجڻ جو فيصلو غير قانوني آهي، اسان جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا، اسان واپس نه ورتا هئا، مون کي چيو ويو ته توهان بجلي جو بل جمع نه ڪرايو، جڏهن ته اسان جي ڳوٺ ۾ ته بجلي ئي ناهي ۽ جڏهن مان بل وٺڻ ويس ته پوليس حراست ۾ ورتو ويو.
هن اپيل ڪئي ته آصفه ڀٽو زرداري جي بنا مقابلي ڪاميابي ڪالعدم قرار ڏئي مون سميت ٻين اميدوارن کي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏني وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.