افغانستان ۾ برساتن تباهي مچائي ڇڏي، 33 ڄڻا اجل جو شڪار

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي راڄڌاني ڪابل سميت 20 صوبن ۾ طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ سبب 33 حياتيون وڃائي ويٺا آهن.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، ڪابل سميت افغانستان جي ٻين علائقن ۾ تيز برساتن ۽ ٻوڏ سبب وڏي پئماني تي تباهي ٿي آهي ۽ مختلف حادثن ۾ 33 ڄڻا فوت جڏهن ته 27 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.
افغانستان جي ڊيزاسٽر مينيجمينٽ کاتي جي ترجمان موجب گذريل ٽن ڏينهن ۾ ڇِت ڪرڻ جي واقعن ۾ سڀ کان وڌيڪ انساني جانيون ضايع ٿيون آهن.
افغاني اختيارين جو چوڻ آهي ته ٻوڏ جي وهڪرن سبب اٽڪل ڇهه سئو گهر مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا جڏهن ته 200 جانور پڻ مري چڪا آهن.
انکانسواءِ برساتن ۽ ٻوڏ سبب مواصلاتي نظام ڊانوا ڊول ٿي ويو، جڏهن ته 2 هزار ايڪڙن تي پوکيل فصل تباهه ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.