پاڪستان سميت 24 ملڪن جو سفر ”انتهائي خطرناڪ“ قرار، برطانيا فهرست جاري ڪري ڇڏي

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) برطانيا 24 ملڪن ۾ سفر کي انتهائي خطرناڪ قرار ڏيندي پنهنجي شهرين کي ان ملڪن جو سفر نه ڪرڻ جي ڪئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، برطانيا روس، يوڪرائن ، ايران، سوڊان ، لبنان ، اسرائيل ، بيلاروس ۽ فلسطين سميت 24 ملڪن کي سفر لاءِ خطرناڪ ترين ملڪن جي فهرست ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي.
فهرست ۾ پاڪستان، سعودي عرب، افغانستان، برڪينا فاسو، عراق، ليبيا، مالي ، صوماليا، صومالي لينڊ، ڏکڻ سوڊان، شام، وينزويلا ۽ يمن پهريان ئي شامل هئا.
برطانوي پرڏيهي وزير پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته انهي فهرست جو مقصد ٻاهرين ملڪ وڃڻ جا خواهشمند برطانوي شهرين جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ آهي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته ان ملڪن کي ڏوهن، جنگ، دهشتگردي، بيماري، موسم، قدرتي آفتن ۽ سياحن کي پيش ايندڙ خطرن کي نظر ۾ رکندي شامل ڪيو ويندو آهي.
برطانوي حڪومت طرفان شهرين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته صرف اڻٽڙ صورتحال ۾ ان ملڪن جو سفر ڪري سگهجي ٿو پر ان دوران سموريون احتياطي اپاءَ اختيار ڪيا وڃن ۽ وڃڻ کان پهريان حڪومت کي اطلاع ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.