”اليڪشن ڪميشن جي پي ٽي آءِ خلاف مهم جاري آهي“

پشاور(ويب ڊيسڪ ) خيبر پختونخواهه حڪومت جي سڌ سماءَ بابت صلاحڪار بئريسٽر سيف جو چوڻ آهي ته سينيٽ ۾ ڪي پي ڪي مان اسان کي سموريون سيٽون ملڻ گهرجن.
پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته مخصوص سيٽن واري معاملي ۾ به اليڪشن ڪميشن اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 104 جي ڀڃڪڙي ڪئي.
سينيٽ ۾ خيبر پختونخواهه مان سموريون سيٽون ملڻ اسان جو حق آهي، ڪجهه وقت کان اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف سان دشمني وارو سلسلو شروع ڪيو آهي.
اليڪشن ڪميشن طرفان پي ٽي آئي مخالف مهم جاري آهي ، پي ٽي آئي کي مهم ذريعي سياسي عمل مان ٻاهر ڪيو پيو وڃي.
بئريسٽر سيف جو چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن جي غير آئيني ۽ غير قانوني عمل جي ڪري سينيٽ چونڊ تڪراري بڻجي وئي.
اليڪشن ڪميشن جي غيرآئيني فيصلن جي ڪري سينيٽ ۾ ڪي پي ڪي جي مخصوص سيٽن واري معاملو پيدا ٿيو .
هن وڌيڪ چيو ته مخصوص سيٽن جي معاملي ۾ اسان کي اليڪشن ڪميشن جي فيصلن تي خدشا آهن، اليڪشن ڪميشن وٽ آئين جي غلط تشريح جو اختيار ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.