اسرائيل ۾ آمريڪي سفارتخاني جي عملي تي پابنديون

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪا اسرائيل ۾ پنهنجي سفارتخاني ۾ موجود عملي تي پابنديون لڳائي ڇڏيون آهن.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، اسرائيل ۾ ايران جي جوابي ڪارروائي جي خدشي سبب آمريڪا ملازمن تي سفري پابنديون لڳايون آهن.
رپورٽ موجب، عملي لاءِ هدايتون جاري ڪندي چيو ويو آهي ته سفارتخاني ۾ ملازمن ۽ انهن جي مٽ مائٽن والاريل بيت المقدس ، تل ابيب ، بيئر شيوا جي علائقن کان ٻاهر سفر لاءِ نه نڪرن.
ان ڏس ۾ آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته هو صورتحال جو جائزو وٺي رهيا آهن، ان معاملي تي وڌيڪ نٿا ڳالهائي سگهون،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.